Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 6:13 - Sindhi Bible

13 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند جي صندوق کڻڻ وارا ڇهہ قدم هليا تڏهن هن هڪڙو ڏاند ۽ هڪڙو بيٺل ٿلهو جانور قرباني ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هيئن ٿيو جو جڏهن خداوند جي عهد واري صندوق کڻي هلڻ وارا اڃا ڇهہ قدم هليا تہ دائود هڪڙو ڏاند ۽ هڪڙو ٿلهو متارو گابو قربان ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 6:13
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ سليمان سان اسرائيل جي ساري جماعت، جا وٽس گڏ ٿي هئي، سا صندوق جي اڳيان گڏ ٿي؛ ۽ رڍون، ۽ ڏاند ايترا قرباني ڪيائون، جو گهڻائيءَ جي ڪري اُهي شمار ڪرڻ کان ٻاهر هئا.


۽ بني لاوين خدا جي صندوق لٺين سان پنهنجن ڪلهن تي کنئي، جيئن موسيٰ خداوند جي ڪلام موجب حڪم ڏنو هو.


دائود چيو تہ لاوين کانسواءِ ٻيو ڪوبہ خدا جي صندوق نہ کڻي: اُنهن جي لاءِ خداوند اهو حڪم مقرر ڪيو آهي تہ خدا جي صندوق کڻن، ۽ هميشہ سندس خدمت ڪندا رهن.


۽ بادشاهہ سليمان، ۽ اسرائيل جي جماعت، جا هن وٽ گڏ ٿي هئي، سي سڀ صندوق جي اڳيان حاضر ٿيا، ۽ ايتريون رڍون ۽ ايترا ڏاند قرباني ڪيائون جي شمار کان ٻاهر هئا.


۽ جڏهن هارون ۽ سندس پٽ، پاڪ مڪان ۽ انهي جي سامان کي ڍڪي بس ڪن، ۽ ڪوچ ڪرڻ جو وقت اچي، تڏهن قهات جا پٽ انهي جي کڻڻ لاءِ اچن: پر هو پاڪ مڪان کي نہ ڇهن متان مري پون. جماعت واري تنبوءَ مان اهي شيون قهات جي پٽن کي کڻڻيون آهن.


پر بني قهات کي ڪجهہ بہ ڪين ڏنائين؛ ڇالاءِ جو پاڪ مڪان جي خدمت جيڪا انهن جي بِلي هئي، سا هيءَ هئي تہ هو انهي کي پنهنجن ڪلهن تي کڻن.


وري هن ٻيا نوڪر موڪليا، ۽ چيائين تہ جن کي دعوت ملي آهي، تن کي چئو، تہ ڏسو، مون پنهنجي ماني تيار ڪرائي آهي، منهنجا وهڙا ۽ ٿلها ٿلها جانور ذبح ٿي چڪا آهن، ۽ سڀ شيون تيار آهن، اوهين شاديءَ جي مجلس تي اچو.


ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عهدنامي جي صندوق لاوي ڪاهنن کي کڻندو ڏسو، تڏهن اوهين پنهنجي جاءِ تان ڪوچ ڪجو، ۽ انهيءَ جي پٺيان اُٿي هلجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ