Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 6:12 - Sindhi Bible

12 ۽ ماڻهن بادشاهہ دائود کي ٻڌايو تہ خداوند عوبيد ادوم جي گهراڻي کي، ۽ جن جو انهيءَ سان واسطو آهي تن سڀني کي خدا جي صندوق ڪري برڪت ڏني آهي. تڏهن دائود وڃي عوبيد ادوم جي گهر مان خدا جي صندوق خوشيءَ سان دائود جي شهر ۾ کڻي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 جڏهن دائود بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ عوبيد‌ادوم جي گھراڻي ۽ ساڻس واسطو رکندڙ سڀني شين کي خداوند پنهنجي عهد واري صندوق جي ڪري برڪت عطا ڪئي آهي، تڏهن هو ويو ۽ عوبيد‌ادوم جي گھر مان خدا جي عهد واري صندوق خوشيون ملهائيندي پنهنجي شهر يروشلم ۾ کڻي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 6:12
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ دائود صيون جو قلعو ورتو؛ ۽ اهو ئي دائود جو شهر آهي.


پوءِ سليمان، اسرائيل جا بزرگ، ۽ فرقن جا سڀ رئيس، ۽ بني اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جا سردار يروشلم ۾ پاڻ وٽ گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق دائود جي شهر مان، يعني صيئون مان ڪڍي آڻين.


۽ اسرائيل جا سڀ بزرگ آيا، ۽ ڪاهنن اچي صندوق کنئي.


۽ هنن خداوند جي صندوق، ۽ جماعت وارو تنبو، ۽ سڀ پاڪ باسڻ، جي اُنهيءَ تنبوءَ ۾ هئا، سي آندا؛ اهي بہ ڪاهنن ۽ لاوين آندا.


۽ بني لاوين خدا جي صندوق لٺين سان پنهنجن ڪلهن تي کنئي، جيئن موسيٰ خداوند جي ڪلام موجب حڪم ڏنو هو.


انهيءَ طرح دائود، ۽ اسرائيل جا بزرگ، ۽ هزارن جا سردار خوشيءَ سان عوبيد ادوم جي گهر مان خداوند جي عهدنامي جي صندوق کڻڻ لاءِ ويا:


اُهو عهد اقرار جو هن ابرهام سان ڪيو، ۽ جو قسم هن اسحاق سان کنيو؛


۽ عوبيد ادوم جا هي پٽ هئا؛ پهريتو سمعياہ، ٻيو يهوزباد، ٽيون يوآخ، ۽ چوٿون سڪار، ۽ پنجون نتني ايل؛


ڇهون عمي ايل، ستون اشڪار، اٺون فعلتي: ڇالاءِ جو خداوند انهن کي برڪت ڏني هئي.


تنهن کانپوءِ سليمان اسرائيل جا بزرگ، ۽ فرقن جا سڀ رئيس، بني اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جا سردار، يروشلم ۾ گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق دائود جي شهر يعني صيئون مان کڻي يروشلم ۾ آڻين.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو هنن ننڍڙن منجهان هڪڙي کي منهنجو شاگرد ڄاڻي رڳو ٿڌي پاڻيءَ جو پيالو پياريندو، سو ڪنهن بہ طرح پنهنجو اجر نہ وڃائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ