Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 6:10 - Sindhi Bible

10 انهيءَ ڪري دائود خداوند جي صندوق پاڻ وٽ دائود جي شهر ۾ آڻڻ نہ گهري؛ پر دائود انهيءَ کي پاسيرو ڪري عوبيد ادوم حتيءَ جي گهر کڻي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 سو دائود خداوند جي عهد واري صندوق کي پنهنجي شهر يروشلم ۾ رکڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو، بلڪ رستي کان ڦري اها صندوق عوبيد‌ادوم جاتيءَ جي گھر کڻي ويو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 6:10
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ اِتي جاتيءَ کي چيو تہ ڇالاءِ تون اسان سان ٿو هلين؟ موٽي وڃي بادشاهہ سان رهہ: ڇالاءِ جو تون پرديسي آهين، ۽ شهر نيڪالي بہ ڏنل آهين؛ موٽي پنهنجي جاءِ تي وڃ.


۽ دائود ٽئين حصي جيترا ماڻهو، يوآب جي هٿ هيٺ، ۽ ٽئين حصي جيترا، يوآب جي ڀاءُ ضروياہ جي پٽ ابيشيءَ جي هٿ هيٺ، ۽ ٽئين حصي جيترا جاتي اِتيءَ جي هٿ هيٺ اڳي موڪلي ڏنا. ۽ بادشاهہ ماڻهن کي چيو تہ آءٌ پاڻ بہ اوهان سان ضرور هلندس.


۽ بيروتي جتيم ڏي ڀڳا، ۽ اڄ ڏينهن تائين اتي ئي رهندا اچن:)


انهيءَ هوندي بہ دائود صيون جو قلعو ورتو؛ ۽ اهو ئي دائود جو شهر آهي.


۽ دائود انهيءَ قلعي ۾ رهندو هو، ۽ انهيءَ کي دائود جو شهر سڏيائون، ۽ دائود ملو کان وٺي اندر تائين چوڌاري گهر جوڙايا.


۽ انهن سان سندن ٻئي درجي جي ڀائرن، يعني زڪرياہ، ۽ بين، ۽ يعزيئيل، ۽ سميراموت، ۽ يحيئيل، ۽ عني، ۽ الياب، ۽ بناياہ، ۽ معسياہ، ۽ متتياہ، ۽ الفلهو، ۽ مقنياہ، ۽ عوبيد ادوم ۽ يعي ايل، جي دربان هئا.


۽ شبنياہ، ۽ يهوسفط، ۽ نتنئيل، ۽ عماسي، ۽ زڪرياہ، ۽ بناياہ، ۽ اليعزر، جي ڪاهن هئا، تن خداوند جي صندوق جي اڳيان تريون وڄايون: ۽ عوبيد ادوم، ۽ يحياہ، صندوق لاءِ دربان هئا.


پهريون آسف، ۽ هن کانپوءِ زڪرياہ، ۽ يعي ايل، ۽ سميراموت، ۽ يحيئيل، ۽ متتياہ، ۽ الياب، ۽ بناياہ، ۽ عوبيد ادوم، ۽ يعي ايل اهي سڀ تنبورن ۽ بربطن لاءِ، ۽ آسف جهانجهہ زور سان وڄائڻ لاءِ؛


۽ يهود، ۽ بني برق، ۽ جات رمون؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ