Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 5:9 - Sindhi Bible

9 ۽ دائود انهيءَ قلعي ۾ رهندو هو، ۽ انهيءَ کي دائود جو شهر سڏيائون، ۽ دائود ملو کان وٺي اندر تائين چوڌاري گهر جوڙايا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ دائود انهيءَ شهر يروشلم ۾ رهڻ لڳو ۽ انهيءَ جو نالو ”دائود جو شهر“ رکيائين. هن دڙي جي چوڌاري ڀت تائين انهيءَ شهر کي وڌايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 5:9
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ دائود صيون جو قلعو ورتو؛ ۽ اهو ئي دائود جو شهر آهي.


۽ دائود انهيءَ ڏينهن چيو تہ جيڪو يبوسين کي ماريندو، سو ڀلي تہ چڙهي پاڻيءَ جي نهر تائين وڃي، ۽ انڌن ۽ منڊن کي ماري جي دائود جي روح کي ڌڪارين ٿا. تنهنڪري چوندا آهن تہ انڌا، ۽ منڊا موجود آهن، هو گهر ۾ اچي ڪين سگهندو.


انهيءَ ڪري دائود خداوند جي صندوق پاڻ وٽ دائود جي شهر ۾ آڻڻ نہ گهري؛ پر دائود انهيءَ کي پاسيرو ڪري عوبيد ادوم حتيءَ جي گهر کڻي ويو.


۽ بادشاهہ جي برخلاف هن جي هٿ کڻڻ جو هي سبب هو: سليمان ملو جوڙايو، ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي شهر جي، جتان اُهو ڀڄي پيو هو، اُتان مرمت ڪرائي.


پوءِ دائود وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان سُتو، ۽ دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو.


۽ جيڪا زور جي ڀرتي سليمان بادشاهہ گڏ ڪئي، تنهن جو سبب هيءُ هو؛ تہ خداوند جو گهر، ۽ خود پنهنجو گهر، ۽ ملو، ۽ يروشلم جي ڀت، ۽ حصور، ۽ مجدو، ۽ جزر اڏائي.


پر فرعون جي ڌيءَ دائود جي شهر مان نڪري انهيءَ پنهنجي گهر ۾ اچي رهي جو سليمان سندس لاءِ جوڙايو هو: تڏهن هن ملو ٺهرايو.


۽ هن جا نوڪر اُٿيا ۽ منصوبو ڪيائون ۽ ملو جو گهر، جو سلا جي لاهيءَ تي آهي، تنهن وٽ يوآس کي ماريائون.


ڇالاءِ جو سندس نوڪرن يوسڪار بن سماعت، ۽ يهوزبد بن شومير هن کي ماريو، ۽ هو مري ويو؛ ۽ هن کي دائود جي شهر ۾ سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيائون: ۽ سندس پٽ امصياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


۽ هن اهو شهر چوڌاري، ملو کان وٺي آس پاس اڏايو: ۽ باقي شهر جي مرمت يوآب ڪرائي.


۽ هن همت جهلي جيڪا ڀت ڀڄي پيئي هئي سا جوڙائي ۽ اها چاڙهي ٺلهن تائين آندي، ۽ جيڪا ٻاهرين ڀت هئي، سا بہ جوڙايائين. ۽ دائود جي شهر ۾ ملو کي بہ مضبوط ڪيائين، ۽ تمام گهڻا هٿيار ۽ سپرون جوڙايائين.


۽ حوض واري دروازي جي مرمت سلوم بن ڪل حوزہ ڪئي، جو مصفاہ جي ضلعي جو حاڪم هو؛ انهيءَ اهو جوڙايو ۽ ڍڪيو، ۽ انهيءَ جا طاق، ۽ انهيءَ جون تاڙيون، ۽ انهيءَ جا گز بيهاريائين، ۽ شيلوخ جي ڍنڍ جي ڀت، جا بادشاهہ جي باغ جي ڀرسان آهي، ۽ انهيءَ ڏاڪڻ تائين جا دائود جي شهر کان هيٺ لهي ٿي وڃي سا جوڙيائين.


يروشلم اهڙو اڏيل آهي جهڙو ڪو ڳتيل شهر ٿيندو آهي:


هاءِ اريئيل، اريئيل، جنهن شهر ۾ دائود منزل ڪئي! ڀلي تہ سال پٺيان سال گذرندو وڃي، ۽ ڀلي تہ عيدون ملهايون وڃن.


پر جي نہ تہ ڀلي ابيملڪ مان باهہ نڪري سڪم جي ماڻهن، ۽ ملو جي گهراڻي کي ساڙي ناس ڪري ڇڏي؛ ۽ ڀلي تہ سڪم جي ماڻهن ۽ ملو جي گهراڻي مان باهہ نڪري ابيملڪ کي کائي وڃي.


تڏهن سڪم جا سڀ ماڻهو، ۽ ملو جو گهراڻو اچي گڏ ٿيا، ۽ سڪم ۾ ٺلهہ واري شاهہ بلوط وٽ وڃي ابيملڪ کي بادشاهہ ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ