Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 5:6 - Sindhi Bible

6 پوءِ بادشاهہ پنهنجن ماڻهن سميت يروشلم ڏي ويو، انهيءَ لاءِ تہ اتي جي رهاڪن يعني يبوسين سان وڙهي: انهن دائود کي چيو تہ تون هتي اچي ڪين سگهندين، بلڪ انڌا ۽ منڊا توکي هڪلي ڪڍي ڇڏيندا: هنن ڀانئيو تہ دائود اُتي اچي نہ سگهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ دائود بادشاهہ پنهنجي ماڻهن سميت يروشلم جي قبضي ڪرڻ لاءِ يبوسين ڏانهن چڙهائي ڪري ويو، جيڪي اتي رهندا هئا. هنن دائود کي چيو تہ ”تون هتي اندر اچي ڪين سگھندين، هتان جا تہ انڌا ۽ منڊا ئي تو کي داخل ٿيڻ ڪونہ ڏيندا.“ هنن سمجھيو ٿي تہ دائود اتي اچي ڪين سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 5:6
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ملڪ صدق، جو سالم جو بادشاهہ هو، سو ماني ۽ مئي کڻي آيو؛ اِهو خدا تعاليٰ جو ڪاهن هو.


ڇالاءِ جو تنهنجي مدد سان آءٌ هڪڙي لشڪر تي ڪاهي ٿو وڃان: پنهنجي خدا جي مدد سان آءٌ ڀت ٽپي ٿو وڃان.


ڏاهو ماڻهو ڏاڍن جي شهر تي چڙهي وڃي ٿو، ۽ انهن جي ويساهہ جو زور ڪيرائي وجهي ٿو.


خداوند ٿو فرمائي، تہ اي واديءَ جا رهاڪو، ۽ ميدان جي ٽڪر جا رهاڪو، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ جو اوهين چئو ٿا تہ ڪير اسان تي ڪاهي ايندو؟ يا ڪير اسان جن گهرن ۾ گهڙندو؟


هن ڪري جو جيتوڻيڪ ڪسدين جو لشڪر جو اوهان سان جنگ ٿو ڪري، تنهن کي اوهين کڻي ماريو ها، ۽ انهن ۾ رڳا زخمي ماڻهو وڃي بچن ٿا، تہ بہ اُهي سڀ پنهنجن تنبن ۾ اُٿي هن شهر کي باهہ سان ساڙين ها.


ڇالاءِ جو اهو ملڪ صدق، شاليم جو بادشاهہ، خدا تعاليٰ جو ڪاهن آهي، ۽ هميشہ ڪاهن رهندو ٿو اچي. جڏهن ابراهيم بادشاهن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ موٽيو، تڏهن هو کيس گڏيو ۽ سندس لاءِ برڪت گهُريائين،


تنهنڪري يروشلم جي بادشاهہ ادوني صدق حبرون جي بادشاهہ هوهام کي، ۽ يرموت جي بادشاهہ پيرام کي، ۽ لڪيس جي بادشاهہ يافيع کي، ۽ عجلون جي بادشاهہ دبير کي چوائي موڪليو تہ


باقي يبوسي جي يروشلم ۾ رهندا هئا، تن کي بني يهوداہ هڪالي ڪڍي نہ سگهيا: انهي ڪري يبوسي اڄ تائين يروشلم ۾ بني يهوداہ سان گڏ رهندا اچن.


۽ ضلع، الف، ۽ يبوسين جو شهر (جو يروشلم آهي)، ۽ جبعٿ، ۽ قريٿ؛ چوڏهن شهر ڳوٺن سميت. اها آهي بني بنيمين جي ميراث سندن قبيلن موجب.


۽ بني بنيمين يروشلم ۾ رهندڙ يبوسين کي نہ ڪڍيو، پر يبوسي بني بنيمين سان اڄ تائين يروشلم ۾ رهندا اچن.


۽ بني يهوداہ يروشلم سان جنگ ڪئي، ۽ اُهو ورتائون، ۽ انهيءَ کي ترار جي ڌار سان ماريائون ۽ شهر کي باهہ ڏنائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ