Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 5:3 - Sindhi Bible

3 پوءِ اسرائيل جا سڀ بزرگ بادشاهہ وٽ حبرون ۾ آيا؛ ۽ بادشاهہ دائود هنن سان حبرون ۾ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيو: ۽ هنن دائود کي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن دائود اتي خداوند جي آڏو حلف کنيو ۽ بني اسرائيل جا سڀيئي اڳواڻ جيڪي حبرون ۾ آيا هئا، تن دائود کي مسح ڪري بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 5:3
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يهوداہ جا ماڻهو آيا، ۽ اتي هنن دائود کي مسح ڪري يهوداہ جي گهراڻي تي بادشاهہ ڪيو. ۽ هنن دائود کي چيو تہ يبيس جلعاد جا ماڻهو اهي آهن جن سائول کي دفن ڪيو هو.


تنهنڪري هاڻي ڀلي تہ اوهان جا هٿ مضبوط ٿين، ۽ اوهين همت وارا ٿيو: ڇالاءِ جو اوهان جو ڌڻي سائول مري ويو آهي، ۽ يهوداہ جي گهراڻي بہ مون کي مسح ڪري پنهنجي مٿان بادشاهہ ڪيو آهي.


۽ ابنير دائود کي چيو تہ آءٌ موٽي ويندس ۽ سڀني اسرائيلين کي پنهنجي ڌڻي بادشاهہ وٽ آڻي گڏ ڪندس، تہ اهي توسان عهد اقرار ڪن، ۽ تون پنهنجي مرضيءَ موجب انهن تي بادشاهي ڪج. ۽ دائود ابنير کي روانو ڪيو؛ ۽ هو صحيح سلامت هليو ويو.


۽ صدوق ڪاهن ۽ ناتن نبي هن کي اُتي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪن: پوءِ اوهين قرناءِ وڄائي چئجو تہ خدا شل بادشاهہ سليمان کي سلامت رکي.


۽ يهويدع خداوند جي، ۽ بادشاهہ ۽ قوم جي وچ ۾، اهو عهد اقرار ڪرايو تہ هو خداوند جي قوم ٿي رهن؛ بادشاهہ ۽ قوم جي وچ ۾ بہ عهد اقرار ڪرايائين.


تنهن کانپوءِ سڀ اسرائيلي حبرون ۾ دائود وٽ اچي گڏ ٿيا، ۽ چوڻ لڳا تہ ڏس، اسين تنهنجو هڏ ۽ تنهنجو ماس آهيون.


پوءِ اسرائيل جا سڀ بزرگ حبرون ۾ بادشاهہ وٽ آيا، ۽ دائود انهن سان حبرون ۾ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيو؛ ۽ هنن دائود کي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪيو، جيئن ڪ خداوند سموئيل جي معرفت حڪم ڪيو هو.


تنهن هوندي بہ خداوند اسرائيل جي خدا، مون کي منهنجي پيءُ جي سڄي گهراڻي مان چونڊيو تہ آءٌ هميشہ اسرائيل جو بادشاهہ ٿيان: ڇالاءِ جو هن يهوداہ کي پيشوا ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي؛ ۽ يهوداہ جي گهراڻي مان، منهنجي پيءُ جي گهر کي چونڊيو اٿس؛ ۽ منهنجي سڀني ڀائرن مان هن مون کي پسند ڪيو، تہ مون کي اسرائيل جو بادشاهہ ڪري:


۽ يهويدع پنهنجي ساريءَ قوم ۽ بادشاهہ جي وچ ۾ هڪڙو عهد اقرار ڪيو تہ هو سڀ خداوند جي قوم ٿي رهندا.


۽ انهن سڀني ڳالهين جي ڪري اسين پڪو عهد اقرار ٿا ڪريون، ۽ لکي ٿا ڏيون: ۽ اسان جا امير، ۽ اسان جا لاوي، ۽ اسان جا ڪاهن، انهيءَ تي مهر ٿا هڻن.


هاڻي تون وڃ ۽ وڃي اسرائيل جي بزرگن کي گڏ ڪري کين چئُہ تہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا، ابرهام جي خدا، اسحاق جي خدا، ۽ يعقوب جي خدا، مون کي ڏيکاري ڏيئي چيو آهي، تہ سچ پچ مون اوهان جي سار لڌي آهي، ۽ مصر ۾ جيڪي اوهان سان ٿي رهيو آهي سو ڏٺو اٿم؛


پوءِ يشوع عجلون مان ڪوچ ڪري، سڀني اسرائيلين کي پاڻ سان وٺي، حبرون ۾ آيو؛ ۽ هو انهيءَ سان وڙهيا:


تڏهن افتاح جلعاد جي بزرگن سان گڏجي ويو، ۽ ماڻهن هن کي پنهنجي مٿان سردار ۽ رئيس ڪيو: ۽ افتاح مصفاہ ۾ پنهنجون سڀ ڳالهيون خداوند جي اڳيان ڪيون.


۽ سڀ ماڻهو جلجال ڏي ويا؛ ۽ اُتي هنن سائول کي جلجال ۾ خداوند جي اڳيان بادشاهہ ڪيو؛ ۽ اُتي هنن خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جي نذرانن جون قربانيون ذبح ڪيون؛ ۽ اُتي سائول ۽ اسرائيل جي سڀني ماڻهن ڏاڍيون خوشيون ڪيون.


تڏهن سموئيل تيل جو سڱ کنيو ۽ هن کي سندس ڀائرن جي وچ ۾ مسح ڪيائين: ۽ انهي ڏينهن کان وٺي اڳتي خداوند جو روح ڏاڍي زور سان دائود تي نازل ٿيڻ لڳو. پوءِ سموئيل اُٿيو ۽ رامہ ڏي ويو.


۽ انهن ٻنهي خداوند جي اڳيان پاڻ ۾ عهد اقرار ڪيو: ۽ دائود ٻيلي ۾ رهجي پيو، ۽ يونتن پنهنجي گهر هليو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ