Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 5:23 - Sindhi Bible

23 ۽ جڏهن دائود خداوند کان صلاح پڇي تڏهن انهيءَ چيو تہ تون متان چڙهي وڃين: پر هنن جي چوڌاري ڦري توتن جي وڻن جي سامهون انهن جي مٿان ڪاهي اچي پئُہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 سو جڏهن دائود خداوند کان پڇا ڪئي، تہ انهيءَ کيس وراڻيو تہ ”تون مٿن هتان چڙهائي نہ ڪر، بلڪ سندن پٺيان گھيرو ڪري توتن جي وڻن جي سامهون اچي مٿن حملو ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 5:23
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود خداوند کان پڇيو تہ آءٌ يهوداہ جي ڪنهن شهر ۾ چڙهي وڃان يا نہ؟ ۽ خداوند هن کي چيو تہ ڀلي وڃ. ۽ دائود چيو تہ ڪيڏانهن وڃان؟ هن چيو تہ حبرون ڏي.


۽ دائود خداوند کان صلاح پڇي تہ آءٌ فلستين سان وڙهڻ لاءِ چڙهي وڃان يا نہ؟ تون انهن کي منهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندين يا نہ؟ تڏهن خداوند دائود کي چيو تہ ڀلي چڙهي وڃ: ڇالاءِ جو آءٌ بيشڪ فلستين کي تنهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس.


۽ دائود وري بہ خدا کان پڇيو، ۽ خدا چيس تہ تون هنن جي پٺيان متان وڃين: هنن کان ڦري پاسو ڪر، ۽ توت جي وڻن جي سامهون هنن تي ڪاهي اچ.


۽ تون عئي ۽ ان جي بادشاهہ سان بہ ائين ڪج جيئن يريحو، ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو هوءِ: رڳو انهي جي لٽ جو مال، ۽ چوپايو مال پنهنجي لاءِ غنيمت ڄاڻي وٺجو: ۽ شهر جي قبضي لاءِ انهيءَ جي پٺيان لڪي ويهي رهجو.


تڏهن اوهين پنهنجي لڪڻ جي جاءِ تان اُٿي کڙا ٿجو، ۽ شهر وڃي وٺجو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا اُهو اوهان جي حوالي ڪندو.


آءٌ اڄ ئي هن جي لاءِ خدا کان دعا گهرڻ لڳو آهيان ڇا؟ شل اهڙو ڪم مون کان پري هجي: بادشاهہ پنهنجي ٻانهي تي، يا منهنجي پيءُ جي ساري گهر تي، ڪوبہ الزام نہ آڻي: ڇالاءِ جو تنهنجي ٻانهي کي انهي بابت ڪابہ خبر ڪانهي، نہ ٿوري نہ گهڻي.


تنهنڪري دائود خداوند کان پڇيو تہ آءٌ وڃي انهن فلستين کي ماريان يا نہ؟ ۽ خداوند دائود کي چيو تہ وڃ ۽ وڃي فلستين کي مار، ۽ قعيلہ کي بچاءِ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ