پوءِ اُهو بني اسرائيل جي بادشاهہ وٽ آيو ۽ اُنهيءَ کي چيائين تہ وڃي پاڻ کي مضبوط ڪر، ۽ ڌيان ڏيئي ڏس تہ ڇا ٿو ڪرين: ڇالاءِ جو سال جي موٽي اچڻ تي، ارام جو بادشاهہ توتي ڪاهي ايندو.
پوءِ اُها سرحد هنوم جي پٽ جي واديءَ جي ڀرسان چڙهي يبوسين جي ڏکڻ پاسي تائين ويئي (۽ اهو آهي يروشلم): پوءِ اُها سرحد چڙهي جبل جي چوٽيءَ تائين ويئي، جو اُلهندي ڏانهن هنوم جي واديءَ جي سامهون بيٺل آهي، جا وادي اُتر ڏي رفائيم جي وادي جي پڇاڙيءَ وٽ آهي: