Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 5:19 - Sindhi Bible

19 ۽ دائود خداوند کان صلاح پڇي تہ آءٌ فلستين سان وڙهڻ لاءِ چڙهي وڃان يا نہ؟ تون انهن کي منهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندين يا نہ؟ تڏهن خداوند دائود کي چيو تہ ڀلي چڙهي وڃ: ڇالاءِ جو آءٌ بيشڪ فلستين کي تنهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 تڏهن دائود خداوند کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ فلستين تي چڙهائي ڪريان؟ ڇا تون انهن کي منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندين؟“ خداوند دائود کي وراڻيو تہ ”ڀلي چڙهائي ڪري وڃ. آءٌ فلستين کي ضرور تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 5:19
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود خداوند کان پڇيو تہ آءٌ يهوداہ جي ڪنهن شهر ۾ چڙهي وڃان يا نہ؟ ۽ خداوند هن کي چيو تہ ڀلي وڃ. ۽ دائود چيو تہ ڪيڏانهن وڃان؟ هن چيو تہ حبرون ڏي.


۽ جڏهن دائود خداوند کان صلاح پڇي تڏهن انهيءَ چيو تہ تون متان چڙهي وڃين: پر هنن جي چوڌاري ڦري توتن جي وڻن جي سامهون انهن جي مٿان ڪاهي اچي پئُہ.


تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ نبي گڏ ڪيا، جي اٽڪل چار سؤ ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ اُنهن کي چيائين تہ آءٌ جنگ ڪرڻ لاءِ رامات جلعاد تي ڪاهي وڃان يا ماٺ ڪيو ويٺو هجان؟ ۽ هنن چيو تہ ڀلي وڃ؛ ڇالاءِ جو خداوند انهيءَ کي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندو.


پنهنجن سڀني رستن ۾ هن کي مڃ، ۽ هو توکي سنئون رستو ڏيکاريندو.


انهي جي بدران اوهان کي هيئن چوڻ گهرجي، تہ جيڪڏهن خداوند گهُريو تہ اسين جيئرا بہ رهنداسين، ۽ فلاڻو يا فلاڻو ڪم بہ ڪنداسين.


۽ فينحاس، بن اليعزر، بن هارون، انهن ڏينهن ڏينهن ۾ انهيءَ جي اڳيان بيهندو هو) ۽ چيائين تہ آءٌ وري بہ پنهنجي ڀاءُ بني بنيمين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃان يا بس ڪري ويهي رهان؟ ۽ خداوند چيو تہ وڃ؛ ڇالاءِ جو سڀاڻي آءٌ هن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيندس.


آءٌ اڄ ئي هن جي لاءِ خدا کان دعا گهرڻ لڳو آهيان ڇا؟ شل اهڙو ڪم مون کان پري هجي: بادشاهہ پنهنجي ٻانهي تي، يا منهنجي پيءُ جي ساري گهر تي، ڪوبہ الزام نہ آڻي: ڇالاءِ جو تنهنجي ٻانهي کي انهي بابت ڪابہ خبر ڪانهي، نہ ٿوري نہ گهڻي.


تنهنڪري دائود خداوند کان پڇيو تہ آءٌ وڃي انهن فلستين کي ماريان يا نہ؟ ۽ خداوند دائود کي چيو تہ وڃ ۽ وڃي فلستين کي مار، ۽ قعيلہ کي بچاءِ


تڏهن دائود وري خداوند کان پڇيو، ۽ خداوند کيس جواب ڏنو تہ اُٿ، قعيلہ ڏي لهي وڃ؛ ڇالاءِ جو آءٌ فلستي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس.


۽ جڏهن سائول خداوند کي سوال ڪيو تڏهن خداوند هن کي ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو، نہ خوابن جي رستي، نہ اوريم سان، نہ نبين جي وسيلي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ