پوءِ اُها سرحد هنوم جي پٽ جي واديءَ جي ڀرسان چڙهي يبوسين جي ڏکڻ پاسي تائين ويئي (۽ اهو آهي يروشلم): پوءِ اُها سرحد چڙهي جبل جي چوٽيءَ تائين ويئي، جو اُلهندي ڏانهن هنوم جي واديءَ جي سامهون بيٺل آهي، جا وادي اُتر ڏي رفائيم جي وادي جي پڇاڙيءَ وٽ آهي:
پوءِ اُها سرحد لهي اُنهيءَ جبل جي پڇاڙيءَ تائين آئي، جو هنوم جي پٽ واري واديءَ جي اڳيان آهي، ۽ جو اُتر ڏانهن رفائيم جي وادي ۾ آهي؛ پوءِ لهي هنوم جي واديءَ ڏانهن ويئي، جا ڏکڻ طرف يبوسين جي پاسي آهي، ۽ اُتان وري لهي عين راجل ڏانهن ويئي.