Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 5:11 - Sindhi Bible

11 ۽ صور جي بادشاهہ حيرام دائود ڏانهن قاصد موڪليا، ۽ سرو جا وڻ، ۽ واڍا، ۽ رازا بہ موڪليائين: ۽ انهن دائود جي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 صور جي بادشاهہ حيرام دائود ڏانهن قاصد موڪليا، جن سان گڏ ديال جو ڪاٺ، واڍا ۽ رازا بہ موڪليائين. انهن دائود جي لاءِ هڪڙو محل جوڙيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 5:11
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود کي پڪ ٿي تہ خداوند مون کي اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي، ۽ منهنجي بادشاهيءَ کي پنهنجي قوم اسرائيل جي خاطر اعليٰ ڪيو اٿس.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ پنهنجي گهر ۾ رهندو هو، ۽ خداوند کيس سڀني آس پاس وارن دشمنن کان آرام ڏنو هو.


تڏهن بادشاهہ ناتن نبيءَ کي چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ديودار جي ڪاٺين مان جڙيل گهر ۾ رهان ٿو، پر خدا جي صندوق پردن جي اندر ٿي رهي.


۽ سليمان وٽ ستر هزار ماڻهو بار کڻڻ وارا هئا، ۽ اسي هزار ماڻهو جبلن ۾ پٿرن ٽُڪڻ وارا هئا؛


۽ سليمان جا رازا، ۽ حيرام جا رازا، ۽ جبلي انهن کي ڇلڻ لڳا، ۽ ڪاٺ، ۽ پٿر گهر جوڙڻ لاءِ تيار ڪرڻ لڳا.


۽ حيرام، صور جي بادشاهہ، دائود ڏي قاصد موڪليا، ۽ ديودار جا وڻ، ۽ رازا، ۽ واڍا بہ، انهيءَ لاءِ تہ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙين.


هنن رازن ۽ واڍن کي پئسا بہ ڏنا؛ ۽ صيدون ۽ صور جي ماڻهن کي کائڻ پيئڻ جون شيون، ۽ تيل ڏنو، انهيءَ لاءِ تہ لبنان مان سرو جا وڻ سمنڊ تائين يافا ۾ آڻين، جيئن ڪ فارس جي بادشاهہ خورس عطا ڪيو هون.


اي خداوند، آءٌ تنهنجي تمجيد ڪندس؛ ڇالاءِ جو تو مونکي سرفراز ڪيو آهي، ۽ منهنجن دشمنن کي مون تي خوش ٿيڻ نہ ڏنو اٿيئي.


اي آدمزاد، صور يروشلم جي بابت چيو آهي تہ واهہ واهہ، جيڪو قومن جو دروازو هو سو ڀڄي پيو آهي؛ هاڻي هن مون ڏانهن رخ رکيو آهي، هاڻي جڏهن هو پاڻ ويران ٿي ويو آهي تڏهن آءٌ ڀرجي ويندس.


پوءِ اُها سرحد ڦري رامہ ڏانهن ۽ قلعي واري شهر صور ڏانهن ويئي؛ ۽ اُتان حوسہ ڏانهن هلي؛ ۽ پوءِ اڪزيب جي ملڪ جي ڀرسان سمنڊ تي وڃي بيٺي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ