انهيءَ جي بادشاهيءَ جي اقبالمندي ۽ سلامتيءَ جي حد ئي ڪانہ ٿيندي، ۽ هو دائود جي تخت تي ۽ ان جي بادشاهيءَ تي هن وقت کان وٺي هميشہ تائين قائم رهندو؛ ۽ انصاف ۽ سچائيءَ سان انهيءَ کي قائم ڪندو. لشڪرن جي خداوند جي غيرت ائين ڪندي.
۽ دائود کي جيڏانهن سائول موڪليندو هو اوڏانهن هو ويندو هو، ۽ ڏاڍي سياڻپ سان هلندو چلندو هو: ۽ سائول هن کي جنگي ماڻهن جي مٿان مقرر ڪيو، ۽ اها ڳالهہ سڀني ماڻهن جي نظر ۾، ۽ سائول جي نوڪرن جي نظر ۾ سٺي هئي.