Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 4:8 - Sindhi Bible

8 ۽ هنن اشبوست جي سسي دائود وٽ حبرون ۾ آندي، ۽ بادشاهہ کي چيائون تہ ڏس اجها اشبوست جي سسي، جو تنهنجي دشمن سائول جو پٽ هو، جنهن توکي مارڻ ٿي گهريو؛ ۽ اڄ خداوند منهنجي ڌڻي بادشاهہ جو وير سائول ۽ هن جي اولاد کان ورتو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هنن اشبوست جي سسي حبرون شهر ۾ دائود بادشاهہ وٽ آندي ۽ کيس چيائون تہ ”اِجھا، هيءَ اشبوست جي سسي آهي، جيڪو توهان جي دشمن سائول جو پٽ هو، جنهن توهان کي مارڻ ٿي گھريو. اڄ خداوند اسان جي آقا بادشاهہ جو وير سائول ۽ سندس اولاد کان ورتو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 4:8
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ صدوق جي پٽ اخيمعض چيو تہ هاڻي مون کي موڪل ڏي تہ ڊوڙي وڃي بادشاهہ کي خبر ڏيان تہ ڪيئن خداوند سندس دشمنن کان وير ورتو آهي.


۽ ڏس، اُهو ڪوشي آيو؛ ۽ ڪوشيءَ چيو تہ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي لاءِ خبر: ڇالاءِ جو خداوند اڄوڪي ڏينهن تنهنجو وير سڀني ماڻهن کان ورتو آهي جن تنهنجي برخلاف ڪمر ٻڌي هئي.


هاڻي ابنير بن نير، سائول جي سپهہ سالار سائول جي پٽ اشبوست کي وٺي محنايم ۾ آندو؛


اهو خدا، جو منهنجي پاران وير وٺي ٿو، ۽ قومن کي منهنجي هيٺان ڪري ٿو،


منهنجي زبان بہ سڄو ڏينهن تنهنجي راستبازيءَ جو بيان ڪندي رهندي: ڇو تہ جيڪي منهنجا مٺگهرا هئا سي شرمندا ٿيا، ۽ منجهي پيا آهن.


اُٿي هن ننڍي ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي اسرائيل جي ملڪ ۾ وڃ: ڇالاءِ جو جن ننڍي ٻار کي مارڻ ٿي گهريو، سي مري ويا آهن.


اي آسمان، ۽ سڀيئي پاڪ ٿيل، ۽ رسول، ۽ نبي، اوهين انهي تي خوشي ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا انصاف ڪري هن کان اهو بدلو ورتو.


۽ انهن وڏي آواز سان چيو تہ اي پاڪ ۽ سچا خداوند خدا، تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين، ۽ جيڪي زمين تي آهن، تن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟


۽ سائول پنهنجو نيزو اُڇليو، ڇو جو هن چيو تہ دائود کي ڀت سان وڃي ونڌيندس. ۽ دائود ٻہ ڀيرا وٽانئس نٽائي نڪري ويو.


۽ سائول پنهنجي پٽ يونتن، ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن کي چيو تہ دائود کي ماري وجهو.


۽ سائول دائود جي ڏسڻ لاءِ قاصد موڪليا، ۽ انهن کي چيائين تہ هن کي هنڌ ۾ پيل ئي کڻي اچو تہ آءٌ هن کي قتل ڪريان.


۽ دائود رامہ واري نيوت مان ڀڄي نڪتو ۽ يونتن وٽ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ مون ڇا ڪيو آهي؟ منهنجو ڪهڙو ڏوهہ آهي؟ ۽ تنهنجي پيءُ جي نظر ۾ منهنجو ڪهڙو گناهہ آهي جو هو مون کي مارڻ ٿو چاهي؟


۽ دائود ڏٺو تہ سائول سندس جان جي پٺيان آهي: ۽ دائود زيف جي بيابان ۾ ٻيلي منجهہ هو.


۽ دائود جي ماڻهن کيس چيو تہ ڏس، جنهن ڏينهن بابت خداوند توکي فرمايو هو، تہ آءٌ تنهنجو دشمن تنهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، پوءِ توکي جيئن مناسب نظر اچي تيئن ساڻس ڪجانءِ، اهو ڏينهن اڄوڪو آهي. سو دائود اُٿيو ۽ چوريءَ سائول جي چوغي جو دامن ڪپي کڻي ويو.


۽ جيتوڻيڪ ڪو شخص اُتي تنهنجي پٺيان کڻي پوي، ۽ تنهنجي ساهہ جو ڳولائو ٿئي، تہ بہ منهنجي ڌڻيءَ جو روح خداوند تنهنجي خدا سان حياتيءَ جي ڳنڍ ۾ ٻڌل رهندو؛ ۽ تنهنجن دشمنن جا روح پري اُڇلايا ويندا، ڄڻ تہ کانڀاڻيءَ جي پيچ مان اُڇلايا ويا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ