7 هاڻي جڏهن اُهي گهر ۾ آيا، ۽ هو پنهنجي سمهڻ واريءَ جاءِ ۾ هنڌ تي سمهيو پيو هو، تڏهن هن کي ڌڪ هڻي ماري وڌائون، ۽ هن جي سسي لاهي اها کڻي عرباہ وارو رستو ڏيئي هليا ويا، ۽ سڄي رات پنڌ ڪيائون.
۽ ابنير ۽ سندس ماڻهو اها سڄي رات عرباہ مان پنڌ ڪندا ويا؛ ۽ اهي يردن لنگهي هن ڀر ٿيا، ۽ بترون کي لتاڙي محنايم ۾ آيا.
۽ درياهہ ۾ ايترا ڏيڏر ٿي پوندا، جو اهي ٻاهر نڪري تنهنجي گهر ۾، تنهنجي آرام گاهہ ۾، تنهنجي هنڌ تي، تنهنجي نوڪرن جي گهرن ۾، تنهنجيءَ رعيت تي، تنهنجي تنورن ۾ ۽ تنهنجي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهن ۾ ڪاهي پوندا؛
پوءِ اُها سسي ٿالهيءَ ۾ رکي آڻي اُنهيءَ ڇوڪريءَ کي ڏنائون: ۽ هوءَ ماءُ وٽ کڻي آئي.
تڏهن دائود ڊوڙي فلستيءَ تي چڙهي بيٺو، ۽ سندس ترار کپ مان ڪڍي انهي سان ڪُٺائينس، ۽ سسي وڍي ڌار ڪيائينس. ۽ جڏهن فلستين ڏٺو تہ سندن پهلوان مارجي ويو، تڏهن هو اُٿي ڀڳا.
۽ دائود انهي فلستيءَ جي سسي کڻي يروشلم ۾ آيو؛ پر هن جي زرهہ هن پنهنجي تنبو ۾ رکي.
تڏهن هنن انهي جي سسي وڍي ڌار ڪئي، ۽ سندس بت تان زرهہ بہ لاٿائون، ۽ اُهي هنن فلستين جي ملڪ ۾ موڪلي ڏنا، تہ ڀلي سندن بُت خاني، ۽ ماڻهن کي اها خبر ملي.