Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 4:4 - Sindhi Bible

4 هاڻي سائول جي پٽ يونتن کي هڪڙو پٽ هو، جو منڊو هو. جڏهن سائول ۽ يونتن جي خبر يزرعيل مان آئي، تڏهن اهو پنجن ورهين جو هو، ۽ سندس دائي کيس کڻي اُٿي ڀڳي: ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هوءَ تڪڙي ٿي ڀڳي تيئن هو ڪري پيو، ۽ منڊو ٿي پيو، ۽ انهيءَ جو نالو مفيبوست هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 سائول جي ٻئي پٽ يونتن کي هڪڙو منڊو پٽ هو، جنهن جو نالو مفيبوست هو. جڏهن سائول ۽ يونتن جي مرڻ جي خبر يزرعيل شهر ۾ پهتي هئي تہ ان وقت هو پنجن سالن جو هو. تڏهن سندس دائي کيس کڻي اُٿي ڀڳي هئي ۽ جيئن ئي هوءَ تڪڙي ٿي ڊوڙي تيئن هو ڪري پيو ۽ ٻنهي ٽنگن کان منڊو ٿي پيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 4:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر بادشاهہ مفيبوست، بن يونتن، بن سائول کي ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ جو هنن جي وچ ۾ خداوند جو قسم هو، يعني دائود ۽ يونتن بن سائول جي وچ ۾.


انهيءَ طرح مفيبوست يروشلم ۾ رهڻ لڳو: ڇالاءِ جو هو هميشہ بادشاهہ جي دسترخاني تي کائيندو هو. ۽ هو ٻنهي پيرن کان منڊو هو.


۽ بادشاهہ چيو تہ ڪو سائول جي گهراڻي مان بچيو آهي ڇا تہ آءٌ انهيءَ کي خدا جي مهرباني ڏيکاريان؟ ۽ ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ يونتن کي اڃا بہ هڪڙو پٽ آهي، جو منڊو آهي.


۽ مفيبوست، بن يونتن، بن سائول، دائود وٽ آيو، ۽ منهن ڀر ڪري تعظيم ڪرڻ لڳو. ۽ دائود چيو تہ اي مفيبوست، هن ورندي ڏيئي چيو تہ اِجهو تنهنجو ٻانهو.


تڏهن هدد پنهنجي پيءُ جي ڪن نوڪرن ادومين سميت مصر ۾ وڃڻ لاءِ اُٿي ڀڳو؛ ۽ هدد اڃا ننڍو ٻار هو.


۽ يونتن جو پٽ مريبعل هو؛ ۽ مريبعل کي ميڪاہ ڄائو؛


۽ يونتن جو پٽ مريببعل هو؛ ۽ مريببعل کي ميڪاہ ڄائو.


هاڻي فلستين پنهنجا سڀ لشڪر افيق ۾ آڻي گڏ ڪيا: ۽ اسرائيلين يزرعيل ۾ جيڪو چشمو آهي تنهن جي پاسي ۾ آڻي تنبو هنيا.


ان موجب دائود پنهنجن ماڻهن سميت صبح جو سوير اُٿيو، انهي لاءِ تہ فلستين جي ملڪ ڏي موٽي وڃي. ۽ فلستي چڙهي يزرعيل ڏي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ