3 ۽ بيروتي جتيم ڏي ڀڳا، ۽ اڄ ڏينهن تائين اتي ئي رهندا اچن:)
3 بيروت جا اصل رهاڪو جتيم شهر ڏانهن ڀڄي ويا هئا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين اتي ڌاريا ٿي رهندا پيا اچن.
هاڻي سائول جي پٽ يونتن کي هڪڙو پٽ هو، جو منڊو هو. جڏهن سائول ۽ يونتن جي خبر يزرعيل مان آئي، تڏهن اهو پنجن ورهين جو هو، ۽ سندس دائي کيس کڻي اُٿي ڀڳي: ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هوءَ تڪڙي ٿي ڀڳي تيئن هو ڪري پيو، ۽ منڊو ٿي پيو، ۽ انهيءَ جو نالو مفيبوست هو.
حاصور، رامہ، جتيم؛
۽ اسرائيل جا ماڻهو جي واديءَ جي هن پاسي هئا، ۽ اُهي جي يردن جي هن ڀر هئا، تن جڏهن ڏٺو تہ اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي ويا آهن، ۽ سائول ۽ سندس پٽ بہ مري ويا آهن، تڏهن هو شهر ڇڏي اُٿي ڀڳا؛ ۽ فلستي اچي انهن ۾ رهڻ لڳا.