Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 4:12 - Sindhi Bible

12 ۽ دائود پنهنجي جوان ماڻهن کي حڪم ڏنو ۽ انهن هنن کي قتل ڪيو، ۽ هنن جا هٿ پير وڍيائون، ۽ هنن کي حبرون جي ڍنڍ جي پاسي ۾ لٽڪائي ڇڏيائون. پر هنن اشبوست جي سسي کڻي حبرون ۾ ابنير جي قبر ۾ پوري ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ دائود پنهنجي جوانن کي حڪم ڏنو ۽ انهن هنن ٻنهي کي قتل ڪري ڇڏيو. سندن هٿ پير وڍي، حبرون جي ڍنڍ جي پاسي ۾ لٽڪائي ڇڏيائون. پر هنن اشبوست جي سسي کڻي حبرون ۾ انهيءَ هنڌ پوري ڇڏي، جتي ابنير دفن ٿيل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 4:12
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ دائود هڪڙي جوان ماڻهوءَ کي سڏي چيو تہ ويجهو وڃي هن ماڻهوءَ تي حملو ڪر. ان موجب هن انهيءَ کي ڌڪ هڻي ماري وڌو.


خداوند سائول جي گهراڻي جو خون سمورو ئي موٽائي تو تي آڻي وڌو آهي، جنهن سائول جي جاءِ تي تو بادشاهي پئي ڪئي آهي؛ ۽ خداوند بادشاهي تنهنجي پٽ ابي سلوم جي هٿن ۾ ڏني آهي: ۽ ڏس، تون پنهنجيءَ خرابي ۾ پاڻ ڦاٿو آهين، ڇالاءِ جو تون خوني آهين.


هاڻي ابنير بن نير، سائول جي سپهہ سالار سائول جي پٽ اشبوست کي وٺي محنايم ۾ آندو؛


۽ انهن کي جبعونين جي حوالي ڪيائين، ۽ هنن انهن کي خداوند جي اڳيان جبل تي ڦاسيءَ تي چاڙهيو، ۽ اهي ست ئي گڏ مئا: ۽ اهي فصل لهڻ وارن ڏينهن ۾، جَوَن جي فصل لهڻ جي شروعات ۾، پهرين ڏينهن ۾ قتل ڪيا ويا.


۽ هنن ابنير کي حبرون ۾ دفن ڪيو: ۽ بادشاهہ ابنير جي قبر تي وڏي آواز سان رُنو، ۽ سڀني ماڻهن رُنو.


پر اي خدا تون انهن کي برباديءَ جي کڏ ۾ ڪيرائيندين: خوني ۽ ٺڳ ماڻهو پنهنجي اڌ ڄمار تائين بہ جيئرا ڪين رهندا؛ پر آءٌ توتي ڀروسو رکندس.


ڇالاءِ جو جهڙيءَ طرح اوهين عيب جوئي ڪندا، تهڙيءَ طرح اوهان جي بہ عيب جوئي ٿيندي. ۽ جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن سان اوهان کي بہ مئي ملندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ