Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 4:11 - Sindhi Bible

11 تہ جڏهن ڪن شرير ماڻهن هڪڙي نيڪ ماڻهوءَ کي، خود سندس گهر ۾ پنهنجي هنڌ تي ماريو آهي، تڏهن ڪيترو نہ وڌيڪ آءٌ انهيءَ جي خون جو بدلو اوهان جي هٿان وٺان ۽ اوهان کي زمين تان کڻي ڇڏيان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تہ پوءِ جڏهن ڪن بدڪار ماڻهن، جن هڪڙي بي‌گناهہ ماڻهوءَ کي هن جي گھر ۾ گھڙي سندس پلنگ تي ماريو آهي، تن کي ڪيترو نہ وڌيڪ بدلو ڏيان. هاڻي ڇا آءٌ انهيءَ جي خون جو بدلو اوهان کان نہ وٺان؟ ڇا اوهان کي زمين تان نيست وَ نابود نہ ڪري ڇڏيان؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 4:11
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هاڻي جنهن زمين تنهنجي هٿان تنهنجي ڀاءُ جو رت وٺڻ لاءِ پنهنجو وات پٽيو آهي، تنهن جي ئي طرفان تون لعنتي ٿيو آهين؛


پوءِ خدا نوح کي چيو تہ منهنجي نظر ۾ سڀني ساهوارن جي پڄاڻي اچي پهتي آهي؛ ڇالاءِ جو انهن جي ڪري زمين ظلم سان ڀرجي ويئي آهي، ۽ ڏس آءٌ انهن کي زمين سان گڏ تباهہ ڪندس.


جيڪا بہ ساهواري شيءِ زمين تي هئي، سا برباد ٿي ويئي. ماڻهو توڙي جانور، سرندڙ جيت توڙي هوا جا پکي، سڀئي زمين تان ميٽجي ويا. رڳو نوح ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙيءَ ۾ هئا، سي وڃي بچيا.


خداوند سائول جي گهراڻي جو خون سمورو ئي موٽائي تو تي آڻي وڌو آهي، جنهن سائول جي جاءِ تي تو بادشاهي پئي ڪئي آهي؛ ۽ خداوند بادشاهي تنهنجي پٽ ابي سلوم جي هٿن ۾ ڏني آهي: ۽ ڏس، تون پنهنجيءَ خرابي ۾ پاڻ ڦاٿو آهين، ڇالاءِ جو تون خوني آهين.


۽ جڏهن ابنير حبرون ۾ موٽي آيو، تڏهن يوآب هن کي هڪ پاسي دروازي جي وچ ۾ وٺي ويو، انهي لاءِ تہ هن سان خلاصو ڳالهائي، ۽ اُتي هن کي پيٽ ۾ اهڙو ڌڪ هنيائين، جو هو مري ويو، ۽ هن پنهنجي ڀاءُ عساهيل جي خون جي عيوض ۾ ائين ڪيو.


۽ آءٌ اڄوڪي ڏينهن، جيتوڻيڪ مسح ڪيل بادشاهہ آهيان، تہ بہ ضعيف آهيان؛ هي ماڻهو، ضروياہ جا پٽ مون کان ڏاڍا آهن: خداوند شل شرير کي سندس شرارت موجب بدلو ڏئي.


۽ خداوند سندس خون خود سندس سر تي موٽائي وجهندو، ڇالاءِ جو هن ٻن اهڙن ماڻهن تي ڪاهہ ڪئي جي کانئس سچار ۽ بهتر هئا، ۽ انهن کي ترار سان قتل ڪيائين، ۽ منهنجي پيءُ دائود کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر ئي نہ پيئي، يعني ابنير بن نير، اسرائيل جي سپهہ سالار کي، ۽ عماسا بن يتر، يهوداہ جي سپهہ سالار کي.


شل اهي سدائين خداوند جي نظر ۾ هجن، تہ هو زمين تان سندن نالو ئي مٽائي ڇڏي.


ڇالاءِ جو خون جي جانچ ڪرڻ وارو انهن کي ياد ٿو ڪري؛ هو غريبن جي دانهن کي وساري نہ ٿو.


جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري پوي، تہ اُهو ضرور ماريو وڃي.


ڇالاءِ جو هيستائين جيڪڏهن آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري توکي ۽ تنهنجيءَ رعيت کي وبا سان ماريان ها، تہ تون زمين تان ميٽجي وڃين ها.


پر شرير انهيءَ زمين تان وڍجي ويندا، ۽ جيڪي دغابازيءَ جي هلت ٿا ڪن تن جي پاڙ انهيءَ مان پٽجي ويندي.


جيئن لتڙيل پاڻي وارو چشمو ۽ ڪِنو ٿيل کوهہ، تيئن اُهو سچو ماڻهو جو شرير جي ڳالهہ قبول ڪري.


اوهين انهن کي هيئن چئو تہ اهڙا معبود جن آسمان ۽ زمين کي پيدا نہ ڪيو آهي سي زمين تان ۽ آسمان جي هيٺان چٽ ٿي ويندا.


اي خداوند منهنجا خدا، اي منهنجا پاڪ خدا، تون هميشہ کان ناهين ڇا؟ اسين ڪين مرنداسين. اي خداوند تو هن کي عدالت لاءِ مقرر ڪيو آهي، ۽ تو، يعني اسان جي پناهہ، هن کي سيکت لاءِ قائم ڪيو آهي.


تنهنڪري قاعدو قانون ڍرو ٿي ويو آهي؛ ۽ پوري عدالت ڪانہ ٿي ٿئي؛ ڇالاءِ جو شرير سچن کي گهيري ٿا وڃن، تنهنڪري عدالت ڏنگي ٿي ويئي آهي.


نہ قائن وانگر، جو انهي بڇڙي مان هو، ۽ پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيائين. ۽ هن ڇو انهي کي قتل ڪيو؟ ڇالاءِ جو سندس ڪم برا هئا، ۽ سندس ڀاءُ جا ڪم راستبازيءَ جا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ