Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 4:1 - Sindhi Bible

1 ۽ جڏهن سائول جي پٽ اشبوست ٻڌو تہ ابنير حبرون ۾ مري ويو آهي، تڏهن هن جا هٿ هيڻا ٿي پيا، ۽ سڀ اسرائيلي پريشانيءَ ۾ پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن سائول جي پٽ اشبوست ٻڌو تہ ابنير حبرون ۾ مارجي ويو آهي، تڏهن هن جا ڍڍر ڍرا ٿي ويا ۽ سڀيئي بني اسرائيل جيڪي وٽس هئا سي پريشان ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 4:1
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اڃا هو ٿڪل ۽ ڪمزور هوندو تہ مٿانئس وڃي پوندس، ۽ ڊيڄاريندوسانس: ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس آهن سي سڀ ڀڄي ويندا؛ ۽ آءٌ رڳو بادشاهہ کي ماريندس:


هاڻي ابنير بن نير، سائول جي سپهہ سالار سائول جي پٽ اشبوست کي وٺي محنايم ۾ آندو؛


۽ جڏهن ابنير حبرون ۾ موٽي آيو، تڏهن يوآب هن کي هڪ پاسي دروازي جي وچ ۾ وٺي ويو، انهي لاءِ تہ هن سان خلاصو ڳالهائي، ۽ اُتي هن کي پيٽ ۾ اهڙو ڌڪ هنيائين، جو هو مري ويو، ۽ هن پنهنجي ڀاءُ عساهيل جي خون جي عيوض ۾ ائين ڪيو.


تڏهن انهيءَ ملڪ جي ماڻهن يهوداہ جي ماڻهن جا هٿ ضعيف ڪيا، ۽ انهن کي گهر جوڙڻ ۾ تڪليف ڏيڻ لڳا،


ڇالاءِ جو هنن جي مرضي هئي تہ اسان کي ڊيڄارين، ۽ چيائون تہ هنن جا هٿ ڪم کان ضعيف ٿيندا، جنهنڪري اهو ڪم نہ ڪيو ويندو. پر هاڻي، اي خدا، تون منهنجا هٿ مضبوط ڪر.


تنهن ڪري سڀ هٿ ضعيف ٿيندا، هر ڪنهن ماڻهوءَ جي دل پگهري ويندي؛


اوهين ڪمزور هٿن کي زور وارا ڪريو، ۽ نستا گوڏا مضبوط ڪريو.


بابل جي بادشاهہ هنن جي ناموس ٻڌي آهي ۽ انهي جا هٿ ڍرا ٿا ٿين: ڏکن ۽ سورن انهي کي آڻي ورايو آهي، جيئن سورن واري زال جو حال ٿيندو آهي.


اسان انهيءَ جي ناموس ٻڌي آهي؛ اسان جا هٿ سست ٿيندا وڃن: اسان کي مصيبت آڻي جهليو آهي، ۽ اهڙا سور اٿئون جهڙا ويامندڙ زال کي ٿيندا آهن.


انهي ڏينهن يروشلم کي چيو ويندو تہ تون نہ ڊڄ، ۽ صيون کي تہ تون پنهنجا هٿ ڍرا ٿيڻ نہ ڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ