Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 3:8 - Sindhi Bible

8 تڏهن اشبوست جي انهيءَ ڳالهہ ڪرڻ ڪري ابنير ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ چوڻ لڳو تہ آءٌ ڪو يهوداہ جو ڪتو آهيان ڇا؟ اڄوڪي ڏينهن آءٌ تنهنجي پيءُ سائول جي گهراڻي کي، ۽ تنهنجن ڀائرن کي، ۽ سندس دوستن کي مهرباني ٿو ڏيکاريان، ۽ توکي جهلي دائود جي حوالي نہ ڪيو اٿم، ۽ تنهن هوندي بہ تون هن زال جي نسبت ۾ اڄ مون مان عيب ٿو ڪڍين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ابنير اشبوست جي انهيءَ ڳالهہ تي ڏاڍو اچي ڪاوڙيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”آءٌ ڪو يهوداہ جي بادشاهہ دائود جو وفادار ڪتو آهيان ڇا؟ اڄ تائين آءٌ تنهنجي پيءُ سائول جي گھراڻي، سندس مٽن مائٽن ۽ دوستن سان وفاداريءَ سان پيش ايندو رهيو آهيان. مون تو کي پڪڙي دائود جي حوالي ڪين ڪيو آهي، تنهن هوندي بہ اڄ تون مون تي هن عورت جي بنسبت بدڪاريءَ جو الزام ٿو لڳائين!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 3:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابيشيءَ بن ضروياہ بادشاهہ کي چيو تہ هي مُئل ڪتو ڇو ٿو منهنجي ڌڻي بادشاهہ تي لعنت وجهي؟ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ وڃي هن جي سسي لاهيان.


هاڻي ابنير بن نير، سائول جي سپهہ سالار سائول جي پٽ اشبوست کي وٺي محنايم ۾ آندو؛


تڏهن هاڻي ائين ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند دائود جي نسبت ۾ فرمايو آهي تہ پنهنجي ٻانهي دائود جي هٿان آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل کي فلستين ۽ سندس ٻين دشمنن جي هٿن کان بچائيندس.


خدا شل ابنير سان ائين ڪري ۽ وڌيڪ بہ، جي آءٌ دائود سان اهڙو سلوڪ نہ ڪريان، جيئن خداوند دائود سان قسم کڻي انجام ڪيو آهي؛


گذريل ڏينهن ۾ جڏهن سائول اسان جي مٿان بادشاهہ هوندو هو تڏهن تون ئي اسرائيل کي اندر ٻاهر وٺي ايندو هئين: ۽ خداوند توکي چيو تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي سنڀال ڪندين، ۽ اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ٿيندين.


۽ هن تعظيم ڏئي چيو، تہ تنهنجو ٻانهو ڪير آهي جو تون مون جهڙي مئل ڪتي ڏانهن نهارين؟


۽ حزائيل چيو تہ تنهنجو نوڪر، جو رڳو هڪڙو ڪتو آهي، سو ڪير آهي جو اهڙو وڏو ڪم ڪري سگهندو؟ ۽ اليشع ورندي ڏني تہ خداوند مون کي ڄاڻايو آهي تہ تون ارام جو بادشاهہ ٿيندين.


بيشڪ انسان جو غضب تنهنجي تعريف جو سبب ٿيندو؛ ۽ باقي رهيل غضب سان تون پنهنجي ڪمر ٻڌندين.


تو ڪنهن جي ملامت ڪئي آهي، ۽ ڪنهن جي بابت ڪفر بڪيو اٿيئي؟ تو ڪنهن جي برخلاف پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي، ۽ پنهنجون اکيون مٿي کنيون اٿيئي؟ اسرائيل جي قدوس جي برخلاف!


تون ڪنهن ڪسبياڻيءَ جي يا لونڊي جي ڪمائيءَ مان نذرانو ڪري، خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ متان آڻين: ڇالاءِ جو انهن ٻنهي کان خداوند تنهنجي خدا کي نفرت آهي.


۽ سموئيل هن کي چيو تہ اڄ خداوند اسرائيل جي بادشاهي توکان ڇني ڦاڙي ورتي آهي: ۽ اُها تنهنجي هڪڙي پاڙيسريءَ کي ڏني اٿس، جو توکان چڱو آهي.


۽ فلستيءَ دائود کي چيو تہ آءٌ ڪو ڪتو آهيان ڇا جو تون لٺ کڻي مون تي آيو آهين؟ ۽ فلستي پنهنجن معبودن جا قسم کڻي دائود تي لعنت وڌي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ