Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 3:35 - Sindhi Bible

35 ۽ سڀيئي ماڻهو آيا، انهيءَ لاءِ تہ ڏينهن بيٺي دائود کي ماني کارائين؛ پر دائود قسم کڻي چيو تہ جيڪڏهن سج لٿي کان اڳي آءٌ ماني يا ڪا ٻي شيءِ چکان تہ خدا مون سان بہ ائين ڪري بلڪ وڌيڪ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

35 جيئن تہ اڃا ڪجھہ سج بيٺو هو، سو سڀيئي ماڻهو دائود وٽ آيا تہ جيئن کيس ماني کارائين. پر دائود قسم کڻي چيو تہ ”جيڪڏهن سج لٿي کان اڳي آءٌ ماني يا ڪا ٻي شيءِ چکان، تہ خدا مون سان بہ ائين ئي ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 3:35
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن ماتم ڪيو ۽ رنائون، ۽ سائول ۽ سندس پٽ يونتن، ۽ خداوند جي قوم، ۽ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ شام تائين روزو رکيائون؛ ڇالاءِ جو هو ترار سان مارجي ويا هئا.


سندس گهر جا بزرگ اُٿيا، ۽ سندس پاسي ۾ بيهي کيس زمين تان اُٿارڻ لڳا: پر هو نہ اُٿيو، ۽ نہ هنن سان گڏجي ماني کاڌائين.


تنهنجا هٿ نہ ٻڌا ويا، نڪي تنهنجا پير زنجيرن ۾ هئا: جيئن ڪو ماڻهو گنهگارن جي اڳيان ڪري ٿو، تيئن تون بہ ڪرين. پوءِ سڀني ماڻهن وري بہ هن تي رُنو.


۽ سڀني ماڻهن انهيءَ ڳالهہ تي ڌيان ڏنو، ۽ اها هنن کي وڻي: جو جيڪي بہ بادشاهہ ڪيو سو سڀني ماڻهن کي پسند آيو.


خدا شل ابنير سان ائين ڪري ۽ وڌيڪ بہ، جي آءٌ دائود سان اهڙو سلوڪ نہ ڪريان، جيئن خداوند دائود سان قسم کڻي انجام ڪيو آهي؛


تڏهن سڀ بهادر مرد اُٿيا ۽ سائول ۽ سندس پٽن جا لاشا کڻي يبيس ۾ آندائون، ۽ انهن جا هڏا يبيس ۾ شاهہ بلوط جي وڻن هيٺ پوري ڇڏيائون، ۽ ست ڏينهن روزو رکيائون.


نڪي ماڻهو هنن جي لاءِ ماتم جي وقت ماني ڀڃندا، انهي لاءِ تہ مئن جي لاءِ هنن کي تسلي ڏين: نڪو ماڻهو هنن کي سندن پيءُ ۽ سندن ماءُ جي لاءِ دلاسي جو پيالو پياريندا.


آهون ڀر، پر آهستي؛ مُئل جي لاءِ ماتم اصل نہ ڪر، پنهنجي مٿي تي پٽڪو ٻڌ ۽ پيرن ۾ جُتي پاءِ، ۽ پنهنجا چپ نہ ڍڪ، ۽ سوءَ جي ماني نہ کاءُ.


۽ اوهين ائين ڪندا جيئن مون ڪيو آهي؛ اوهين پنهنجا چپ نہ ڍڪيندا ۽ نہ سوءَ جي ماني کائيندا.


(۽ بني اسرائيل وڃي شام تائين خداوند جي اڳيان رنو؛ ۽ هنن خداوند کان پڇيو ۽ چيائون تہ اسين پنهنجن ڀائرن بني بنيمين سان جنگ ڪرڻ لاءِ وري کين ويجها وڃون يا نہ؟ ۽ خداوند چيو تہ ڀلي هنن تي ڪاهي وڃو).


تڏهن سڀ بني اسرائيل، بلڪ سڀ ماڻهو بيت ايل ۾ آيا، ۽ رنائون، ۽ اُتي خداوند جي اڳيان ويٺا، ۽ اُهو ڏينهن شام تائين روزو رکيائون؛ ۽ سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون، خدا جي اڳيان چاڙهيائون.


جتي تون مرندينءَ اُتي آءٌ بہ مرنديس: جيڪڏهن موت کان سواءِ ڪا ٻي شيءِ توکي ۽ مون کي ڌار ڪري، تہ خداوند مون سان بہ ائين ڪري، بلڪ وڌيڪ.


۽ هن چيس تہ اها ڳالهہ ڪهڙي آهي جا خداوند توکي ٻڌائي آهي؟ ڀلائي ڪري اُها مون کان نہ لڪاءِ. جيڪڏهن اُهي ڳالهيون جي خدا توکي چيون آهن تن سڀني مان ڪا مون کان لڪائيندين، تہ خدا شل توسان ائين ئي ڪري، بلڪ اِنهي کان بہ وڌيڪ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ