Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 3:34 - Sindhi Bible

34 تنهنجا هٿ نہ ٻڌا ويا، نڪي تنهنجا پير زنجيرن ۾ هئا: جيئن ڪو ماڻهو گنهگارن جي اڳيان ڪري ٿو، تيئن تون بہ ڪرين. پوءِ سڀني ماڻهن وري بہ هن تي رُنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 تنهنجي هٿن ۾ ڏوهارين جيان هٿڪڙي تہ پيل ڪين هئي، نڪي تنهنجي پيرن ۾ ڪو زنجير پيل هو، پوءِ بہ جيئن ڪو بڇڙن جي هٿان مري، هاءِ! تيئن تون مري وئين.“ تڏهن سڀيئي ماڻهو هن تي وري بہ رنا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 3:34
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن ماتم ڪيو ۽ رنائون، ۽ سائول ۽ سندس پٽ يونتن، ۽ خداوند جي قوم، ۽ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ شام تائين روزو رکيائون؛ ڇالاءِ جو هو ترار سان مارجي ويا هئا.


۽ بادشاهہ ابنير جي لاءِ ماتم ڪيو، ۽ چيائين تہ ابنير کي هڪڙي بي عقل وانگر مرڻ گهرجي ڇا؟


۽ سڀيئي ماڻهو آيا، انهيءَ لاءِ تہ ڏينهن بيٺي دائود کي ماني کارائين؛ پر دائود قسم کڻي چيو تہ جيڪڏهن سج لٿي کان اڳي آءٌ ماني يا ڪا ٻي شيءِ چکان تہ خدا مون سان بہ ائين ڪري بلڪ وڌيڪ.


خوني پرهہ ڦٽيءَ جو اٿي ٿو ۽ هو غريب محتاج کي ڪهي ٿو؛ ۽ رات جي وقت هو چور وانگر آهي.


اهو آهي مرثيو، جنهن سان هو ماتم ڪندا، قومن جون ڌيئون انهي موجب ماتم ڪنديون، ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مصر ۽ ان جي سڄي جماعت لاءِ هو اُنهي سان ماتم ڪنديون.


۽ جيئن چورن جون ٽوليون ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ لڪي ويهن، تيئن ڪاهنن جي جماعت رستي ۾ سڪم ڏانهن ويندي خون ٿي ڪري: هائو، هنن شهوت پرستي ڪئي آهي.


۽ فلستين اچي پڪڙيس، ۽ سندس اکيون ڪڍي ڇڏيائون؛ ۽ غزہ ۾ وٺي آيس، ۽ پتل جي ٻيڙين سان ٻڌائونس؛ ۽ هو قيدخاني ۾ جنڊ پيهڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ