Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 3:31 - Sindhi Bible

31 ۽ دائود يوآب کي، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن سڀني کي چيو، تہ اوهين پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيو، ۽ کٿا ڍڪيو، ۽ ابنير جي لاءِ ماتم ڪريو. ۽ بادشاهہ دائود جنازي جي پٺيان لڳي هليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 پوءِ دائود يوآب کي ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا تن سڀني کي چيو تہ ”اوهين پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيو ۽ کٿا ڍڪيو ۽ ابنير جي جنازي اڳيان روئندا هلو.“ دائود بادشاهہ پاڻ جنازي جي پٺيان هلڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 3:31
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن روبن موٽي انهيءَ کڏ وٽ آيو ۽ ڏٺائين تہ يوسف منجهس ڪونهي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا.


۽ يعقوب پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ کٿو گوڏ ٻڌائين ۽ ڪيترائي ڏينهن پنهنجي پٽ جي لاءِ ماتم ڪندو رهيو.


تڏهن دائود پنهنجا ڪپڙا کڻي ڦاڙيا؛ ۽ جيڪي ٻيا ماڻهو ساڻس هئا، تن بہ ائين ئي ڪيو:


۽ ٽئين ڏينهن هڪڙو ماڻهو سائول جي لشڪرگاهہ مان ڦاٽل ڪپڙن سان مٽي مٿي تي وجهي اُتي آيو: ۽ جڏهن هو دائود وٽ پهتو تڏهن زمين تي ڪري هن کي سجدو ڪيائين.


پر سندس نوڪرن چيس تہ هاڻي ڏس، اسان ٻڌو آهي تہ اسرائيل جي گهراڻي جا بادشاهہ رحم وارا بادشاهہ هوندا آهن: اسين منٿ ٿا ڪريون تہ اسان کي ڇڏ تہ پنهنجن چيلهين تي کٿا ويڙهيون، ۽ پنهنجن مٿن تي رسا ٻَڌون، ۽ پوءِ نڪري اسرائيل جي بادشاهہ وٽ وڃون: شايد هو توکي جيئرو ڇڏي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اخي آب اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ بت تي کٿو ڍڪيائين، ۽ روزو رکيائين، ۽ کٿي تي سمهڻ ۽ آهستي هلڻ لڳو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ حزقياہ اهو ٻڌو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائين، ۽ کٿو ڍڪي خداوند جي گهر ۾ ويو.


۽ الياقيم، گهر جي ڪم ڪار سنڀالڻ واري کي، ۽ شبناہ محرر ۽ ڪاهنن جي بزرگن کي کٿا ڍڪائي، آموص جي پٽ يسعياہ نبيءَ وٽ موڪليائين.


۽ ويجهو اچي جنازي کي هٿ لاتائين، تہ ڪانڌي بيهي رهيا. تڏهن چيائين، تہ اي جوان، آئون تو کي چوان ٿو تہ اُٿ.


تڏهن يشوع، ۽ اسرائيل جا بزرگ، پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي خداوند جي صندوق جي اڳيان شام تائين زمين تي منهن ڀر ڪري پيا؛ ۽ هو پنهنجن مٿن تي مٽي وجهڻ لڳا.


۽ آئون پنهنجن ٻن شاهدن کي اختياري ڏيندس، ۽ هو کٿو ڍڪي هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن نبوت ڪندا.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن انهي کي ڏٺو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائين تہ هاءِ، اي منهنجي ڌيءَ! تو مون کي ڏاڍو ذليل ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ تون منهنجي تڪليف ڏيندڙن مان هڪڙي آهين: ڇالاءِ جو مون خداوند جي اڳيان پنهنجو وات پٽيو آهي، ۽ آءٌ انهي کان ڦري نٿو سگهان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ