2.سموئيل 3:24 - Sindhi Bible24 تڏهن يوآب بادشاهہ وٽ آيو ۽ چيائين تہ تو هي ڇا ڪيو آهي؟ ڏس، ابنير تو وٽ آيو؛ ۽ ڇو ائين ٿيو جو تو هن کي روانو ڪري ڇڏيو، ۽ هو بنهہ هليو ويو آهي؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible24 تڏهن يوآب بادشاهہ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”اوهان هي ڇا ڪيو؟ ابنير اوهان وٽ آيو هو تہ اوهان کيس ڇو روانو ڪري ڇڏيو، جو هو هليو ويو؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن اشبوست جي انهيءَ ڳالهہ ڪرڻ ڪري ابنير ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ چوڻ لڳو تہ آءٌ ڪو يهوداہ جو ڪتو آهيان ڇا؟ اڄوڪي ڏينهن آءٌ تنهنجي پيءُ سائول جي گهراڻي کي، ۽ تنهنجن ڀائرن کي، ۽ سندس دوستن کي مهرباني ٿو ڏيکاريان، ۽ توکي جهلي دائود جي حوالي نہ ڪيو اٿم، ۽ تنهن هوندي بہ تون هن زال جي نسبت ۾ اڄ مون مان عيب ٿو ڪڍين؟