15 ۽ اشبوست انهي کي سندس مڙس وٽان، يعني ليس جي پٽ فلطي ايل وٽان گهرائي ورتو.
15 تڏهن اشبوست ماڻهو موڪلي ميڪل کي سندس مڙس فلطيايل ولد ليس کان کسي ورتو.
هاڻي ابنير بن نير، سائول جي سپهہ سالار سائول جي پٽ اشبوست کي وٺي محنايم ۾ آندو؛
۽ دائود سائول جي پٽ اشبوست ڏانهن قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائين تہ مون کي منهنجي زال ميڪل پهچائي ڏي، جو انهيءَ سان فلستين جون سؤ کوليون ڏئي مان مڱيو هوس.
۽ سندس مڙس ساڻس گڏ روئندو هليو، ۽ بحوريم تائين هن جي پٺيان لڳو ويو. تڏهن ابنير هن کي چيو تہ موٽي وڃ: سو هو موٽي ويو.
بني اشڪار جي قبيلي جو سردار، عزان جو پٽ فلتي ايل.
هاڻي سائول پنهنجي ڌيءَ ميڪل، دائود جي زال، ليس جي پٽ فلطيءَ کي ڏني، جو جليم جو ويٺل هو.