Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 3:14 - Sindhi Bible

14 ۽ دائود سائول جي پٽ اشبوست ڏانهن قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائين تہ مون کي منهنجي زال ميڪل پهچائي ڏي، جو انهيءَ سان فلستين جون سؤ کوليون ڏئي مان مڱيو هوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 پوءِ دائود اشبوست ڏانهن قاصدن هٿان چوائي موڪليو تہ ”مون کي منهنجي زال ميڪل پهچائي ڏي، جنهن سان آءٌ فلستين جي طهر جون سؤ کلڙيون ڏيئي پرڻيو هئس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 3:14
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

(جڏهن سائول جو پٽ اشبوست اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن هو چاليهن ورهين جو هو، ۽ هن ٻہ ورهيہ بادشاهي ڪئي). پر يهوداہ جي گهراڻي دائود جي پيروي ڪئي.


۽ اشبوست انهي کي سندس مڙس وٽان، يعني ليس جي پٽ فلطي ايل وٽان گهرائي ورتو.


۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خداوند جي صندوق دائود جي شهر ۾ آئي تيئن سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو، ۽ دائود کي خداوند جي اڳيان نچندو ٽپندو ڏٺائين؛ انهيءَ ڪري سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت پيدا ٿي.


هاڻي يسوع مسيح جو تولد هن طرح ٿيو: جو جڏهن هن جي ماءُ مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيو، ۽ اڃا هو پاڻ ۾ گڏ نہ ٿيا هئا، تڏهن معلوم ٿيو تہ هوءَ پاڪ روح جي قدرت سان حاملہ ٿي آهي.


هاڻي سائول جو ارادو هو تہ دائود کي فلستين جي هٿان مارائي.


تہ دائود پنهنجن ماڻهن سميت اُٿيو، ۽ فلستين جا ٻہ سؤ ماڻهو ماريائين؛ ۽ دائود انهن جون کوليون کڻي آيو. ۽ هنن اُهي پوريون ڳڻي وڃي بادشاهہ کي ڏنيون، انهي لاءِ تہ هو بادشاهہ جو ناٺي ٿئي. تڏهن سائول پنهنجي ڌيءَ ميڪل هن کي پرڻائي ڏني.


هاڻي سائول پنهنجي ڌيءَ ميڪل، دائود جي زال، ليس جي پٽ فلطيءَ کي ڏني، جو جليم جو ويٺل هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ