10 ۽ سائول جي گهراڻي مان بادشاهي ڪڍي دائود جو تخت اسرائيل تي، ۽ يهوداہ تي، دان کان وٺي بيرسبع تائين قائم نہ ڪريان.
پر منهنجي صلاح آهي تہ سڀ اسرائيلي دان کان وٺي بيرسبع تائين، جي سمنڊ جي واريءَ جيترا بيشمار آهن، تن کي گڏ ڪر: ۽ تون پاڻ پنهنجي سر وڃي جنگ ڪر.
۽ بادشاهہ، لشڪر جو سردار يوآب، جو ساڻس هو، تنهن کي چيو تہ هاڻي تون دان کان وٺي بيرسبع تائين اسرائيل جي سڀني فرقن ۾ وڃ ۽ ماڻهن جو شمار ڪر تہ مون کي خبر پوي تہ ڪل ماڻهو ڪيترا آهن.
تڏهن هو ابنير جي جواب ۾ هڪڙو اکر بہ ڪُڇي نہ سگهيو، جو هن کان ڊنو.
۽ ابنير دائود کي چيو تہ آءٌ موٽي ويندس ۽ سڀني اسرائيلين کي پنهنجي ڌڻي بادشاهہ وٽ آڻي گڏ ڪندس، تہ اهي توسان عهد اقرار ڪن، ۽ تون پنهنجي مرضيءَ موجب انهن تي بادشاهي ڪج. ۽ دائود ابنير کي روانو ڪيو؛ ۽ هو صحيح سلامت هليو ويو.
۽ يهوداہ ۽ اسرائيل جا سڀ ماڻهو سليمان جي ساري حياتيءَ جي ڏينهن ۾، دان کان وٺي بيرسبع تائين، پنهنجي پنهنجي ڊاک جي منهہ، ۽ انجير جي وڻ هيٺ صحيح سلامت رهندا آيا.
تڏهن سڀ بني اسرائيل هڪ دل ٿي ٻاهر نڪتا، ۽ جماعت جلعاد ۽ دان کان وٺي بيرسبع تائين، مصفاہ ۾، خداوند جي لاءِ گڏ ٿي،
۽ سموئيل هن کي چيو تہ اڄ خداوند اسرائيل جي بادشاهي توکان ڇني ڦاڙي ورتي آهي: ۽ اُها تنهنجي هڪڙي پاڙيسريءَ کي ڏني اٿس، جو توکان چڱو آهي.
۽ خداوند پنهنجي طرفان ائين ئي ڪيو آهي جيئن هن منهنجي معرفت چيو: ۽ خداوند تنهنجي هٿان بادشاهي کسي تنهنجي پاڙيسريءَ کي، يعني دائود کي ڏئي ڇڏي آهي.
۽ ساري اسرائيل کي دان کان وٺي بيرسبع تائين خبر پئجي ويئي تہ سموئيل خداوند جو نبي مقرر ٿيو آهي.