Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 3:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي سائول جي گهراڻي ۽ دائود جي گهراڻي جي وچ ۾ گهڻي مدت تائين جنگ پئي هلي، ۽ دائود زور وارو ٿيندو ويو، پر سائول جو گهراڻو ضعيف ٿيندو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 سائول جي پٽ اشبوست ۽ دائود جي وچ ۾ گھڻي عرصي تائين جنگيون هلنديون رهيون. ان دوران دائود ڏينهون ڏينهن ويو زور وٺندو، جڏهن تہ اشبوست ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 3:1
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ تنهنجي ۽ زال جي وچ ۾ دشمني، ۽ تنهنجي نسل ۽ زال جي نسل جي وچ ۾ دشمني وجهندس: هو تنهنجو مٿو چٿيندو ۽ تون هن جي کڙي ڏنگيندين.


۽ انهيءَ ڏينهن جنگ ڏاڍي سخت لڳي؛ ۽ ابنير ۽ اسرائيل جي ماڻهن، دائود جي نوڪرن جي اڳيان شڪست کاڌي.


تڏهن يوآب قرناءِ وڄائي ۽ سڀ ماڻهو بس ڪري بيهي رهيا، ۽ وڌيڪ اسرائيل جي پٺيان نہ پيا، ۽ نہ وري انهن سان وڙهيا.


تو مون کي منهنجي قوم جي جهيڙن جهڳڙن کان بہ بچايو؛ تو مون کي قوم جو مهندار ٿيڻ لاءِ سنڀاليو آهي: جنهن قوم کي آءٌ سڃاڻندو ئي نہ هوس سا منهنجي خدمت چاڪري ڪندي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سائول جي گهراڻي جي وچ ۾ جنگ پئي هلي، تہ سائول جي گهراڻي ۾ ابنير زور ورتو.


۽ دائود زور وٺندو ويو؛ ڇالاءِ جو خداوند لشڪرن جو خدا ساڻس هو.


۽ رحبعام ۽ يربعام جي وچ ۾ هميشہ جنگ پيئي هلندي هئي.


۽ آسا، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ بعشا جي وچ ۾ سندن ساري ڄمار جنگ پئي هلي.


۽ آسا ۽ اسرائيل جي بادشاهہ بعشا جي وچ ۾ جنگ لڳي آئي.


۽ دائود وڌندو ۽ زور وٺندو ويو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ساڻس هو.


هاڻي دائود کي جيڪي پٽ حبرون ۾ ڄاوا، سي هي هئا: پهريون ڄاول امنون، جو اخينوعم يزرعيلي مان هو؛ ٻيو داني ايل، جو ابيجيل ڪرمليءَ مان هو؛


۽ هامان پنهنجي زال زرش ۽ پنهنجن دوستن کي جيڪي بہ ٿي گذريو هو سو سڀ بيان ڪري ٻڌايو. تڏهن سندس ڏاهن ماڻهن ۽ سندس زال زرش کيس چيو، تہ مردڪئي، جنهن جي اڳيان تون ڪِرڻ لڳو آهين، سو جي يهودين جي نسل جو آهي تہ تون هن تي غالب نہ ايندين، پر ضرور هن جي اڳيان ڪِرندين.


ڇالاءِ جو مردڪئي بادشاهہ جي گهر ۾ وڏو هو، ۽ هن جي ناموس سڀني پرڳڻن ۾ پکڙجي ويئي هئي: انهي لاءِ جو اهو شخص مردڪئي وڌندو ويو.


تنهن هوندي بہ سچار پنهنجي راهہ تي قائم رهندو، ۽ راستباز وڌيڪ مضبوط ٿيندو ويندو.


۽ جيڪڏهن تنهنجي شروعات ننڍي هجي تہ بہ تنهنجي پڇاڙي نيٺ وڌي وڏي ٿيندي.


تو مون کي ماڻهن جي جهيڙن کان ڇڏايو آهي؛ تو مون کي قومن جو سردار ڪيو آهي. جنهن قوم کان آءٌ ناواقف هوس سا منهنجي خدمت ڪندي.


هو زمين جي ڇيڙي تائين جنگيون بند ٿو ڪرائي: هو ڪمان کي ڀڃي ٿو ۽ ڀالي کي ٽڪر ٽڪر ٿو ڪري: هو جنگي گاڏين کي باهہ ۾ ساڙيو ڇڏي.


اهي طاقت ۾ وڌندا ٿا وڃن، انهن مان هرڪو صيون ۾ خدا جي حضور ۾ حاضر ٿو ٿئي.


ڇالاءِ جو جسم روح جي برخلاف خواهش ٿو ڪري، ۽ روح جسم جي برخلاف؛ ۽ اُهي هڪ ٻئي جا مخالف آهن، انهي لاءِ تہ جيڪي اوهين چاهيو ٿا سو نہ ڪريو.


ڇالاءِ جو اسين گوشت ۽ رت سان جنگ نٿا ڪريون، پر رياستن ۽ طاقتن، ۽ انهن اونداهيءَ واريءَ دنيا جي حاڪمن سان، ۽ آسماني جاين وارن خراب روحاني لشڪرن سان ٿا وڙهون.


۽ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هڪڙو اڇو گهوڙو آهي، ۽ جيڪو انهي تي سوار هو تنهن وٽ هڪڙي ڪمان هئي؛ ۽ انهي کي هڪڙو تاج ڏنو ويو: ۽ هو فتح ڪندو، ۽ وڌيڪ فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ