Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 24:5 - Sindhi Bible

5 ۽ هو يردن پار لنگهي، جيڪو شهر جد جي واديءَ جي وچ ۾ آهي تنهن جي سڄي پاسي عروعير ۾ يعزر تائين تنبو هڻي لهي پيا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ انهن اردن درياءُ پار ڪري عروعير شهر جي ويجھو برساتي نهر جي وچ واري شهر جي ڏاکڻي طرف اچي خيما کوڙيا. اتان ٿيندا جد جي رستي يعزير ڏانهن ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 24:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ بادشاهہ جي ڳالهہ يوآب ۽ لشڪر جي سردارن کان ڳوري ٿي. ۽ يوآب ۽ لشڪر جا سردار بادشاهہ جي حضور مان نڪري ويا، انهيءَ لاءِ تہ اسرائيل جي قوم جو شمار ڪن.


عروعير جا شهر ويران ٿي ويا آهن؛ اهي ڌڻن جي لاءِ آهن، جي اتي سمهندا ۽ ڪوبہ انهن کي نہ ڊيڄاريندو.


۽ موسيٰ يعزير شهر جي جاسوسيءَ لاءِ ماڻهو موڪليا، ۽ هنن انهي جا شهر وڃي هٿ ڪيا، ۽ جيڪي اموري اتي هئا، تن کي هڪالي ڪڍيائون.


هاڻي بني روبن ۽ بني جد وٽ چوپايو مال تمام گهڻو هو: سو جڏهن انهن يعزير ۽ جلعاد جي زمين ڏٺي، ۽ سمجهيائون تہ اهو هنڌ چوپائي مال جي لائق آهي؛


عطارات، ۽ ديبون، ۽ يعزير، ۽ نمرہ، ۽ حسبون، ۽ اليعا ۽ شبام، ۽ نبو، ۽ بعون جو ملڪ،


عطرات شوفان، يعزير، يگبها؛


۽ ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري تي، جو عروعير شهر آهي، ۽ ماٿريءَ ۾ جيڪو شهر آهي، تنهن کان وٺي جلعاد تائين، اهڙو ڪوبہ شهر ڪونہ هو جو اسان جي قبضي ۾ نہ آيو: سڀيئي شهر، خداوند اسان جي خدا، اسان جي حوالي ڪيا:


۽ انهن جي سرحد عروعير کان شروع ٿي جو ارنون جي واديءَ جي ڪناري تي آهي، ۽ جيڪو شهر واديءَ جي وچ ۾ آهي، ۽ ميدبا جي پاسي وارو سڄو ميدان؛


۽ انهن جي حد هئي يعزير ۽ جلعاد جا سڀ شهر، ۽ بني عمون جي اڌ زمين، عروعير تائين، جو ربہ جي سامهون آهي.


يعني عروعير، جو ارنون جي واديءَ جي ڪناري تي آهي، ۽ جيڪو شهر واديءَ جي وچ ۾ آهي، ۽ ميدبا جو سارو ميدان، جو ديبون تائين آهي؛


۽ عروعير ۾، ۽ سفموت ۾، ۽ استموع ۾؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ