Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 24:25 - Sindhi Bible

25 ۽ اتي دائود خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ سوختنيون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائين. انهيءَ طرح ملڪ جي لاءِ خداوند کان دعا گهري ويئي، ۽ وبا اسرائيل تان دفع ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 پوءِ دائود اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙائي ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائين. اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ملڪ جي لاءِ دعا ٻڌي ۽ بني اسرائيل قوم تان اها وبا ٽري ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 24:25
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏيئي چيو تہ هيءُ ملڪ آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس: سو جنهن خداوند کيس ڏيکاري ڏني، تنهن لاءِ اُتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهيائين.


جڏهن انهيءَ هنڌ آيا جنهن جو خدا ڏس ڏنو هوس؛ تڏهن ابرهام اتي قربانگاهہ جوڙي ۽ اتي ڪاٺيون ٺاهي رکيائين، ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي ٻڌي ڪاٺين جي مٿان رکيائين.


پوءِ نوح خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي ۽ سڀني پاڪ جانورن ۽ سڀني پاڪ پکين مان ڪي قربانگاهہ تي آڻي قرباني چاڙهيائين.


۽ انهن سائول ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا، ضلع ۾ بنيمين جي ملڪ ۾، ۽ سندس پيءُ قيس جي قبر ۾ دفن ڪيا: ۽ جيڪو بادشاهہ حڪم ڪيو سو هنن بجا آندو. ۽ انهيءَ کان پوءِ ملڪ جي لاءِ خدا دعا ٻڌي.


۽ دائود جاد کي چيو تہ آءٌ ڏاڍيءَ مشڪلات ۾ آهيان: هاڻي مناسب آهي تہ خداوند جي هٿ ۾ هلي پئون؛ ڇالاءِ جو هن جون وڏيون رحمتون آهن: آءٌ ماڻهو جي هٿن ۾ نہ پوان تہ چڱو.


هاڻي دائود بادشاهہ ٻڍو ۽ عمر رسيدہ ٿيو؛ ۽ هنن ڪپڙن سان گهڻو ئي ڍڪيس، پر هن ۾ گرمي پيدا نہ ٿي.


انهي طرح آءٌ توتي پنهنجي ڪاوڙ پوري ڪندس، ۽ منهنجي غيرت تو تان لهي ويندي، ۽ آءٌ بس ڪندس، ۽ توتي وري نہ ڪاوڙبس.


جيڪو ماڻهو خداوند جي خيمي جي ويجهو ٿو اچي، سو مري ٿو: اسين سڀ نابود ٿي وينداسين ڇا؟


۽ صبح جو هيئن ٿيو تہ ماڻهو سوير اُٿيا ۽ اُتي هڪڙي قربانگاهہ جوڙيائون، ۽ انهيءَ تي سوختني قربانيون چاڙهيائون.


تڏهن جدعون اُتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ انهيءَ جو نالو يهوواہ سلوم رکيائين: جا اڄ ڏينهن تائين ابيعزرين واري عفرہ ۾ موجود آهي.


تڏهن سائول چيو تہ سوختني قرباني ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون مون وٽ کڻي اچو. ۽ هن سوختني قرباني چاڙهي.


۽ سائول خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي: اها پهرئين قربانگاهہ هئي جا هن خداوند جي لاءِ جوڙي.


۽ هو رامہ ۾ موٽي ايندو هو، ڇالاءِ جو سندس گهر اُتي هو؛ ۽ اُتي هو اسرائيل جو قاضي هو: ۽ اُتي هن خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي.


۽ سموئيل هڪڙو کير پياڪ گهيٽو کنيو، ۽ خداوند جي حضور ۾ اسرائيل جي لاءِ اهو سڄو سارو سوختني قرباني ڪري چاڙهيائين؛ ۽ اسرائيل جي لاءِ دعا گهريائين؛ ۽ خداوند هن جي دعا قبول ڪئي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ