Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 24:24 - Sindhi Bible

24 تڏهن بادشاهہ اروناہ کي چيو تہ ائين نہ ٿيندو؛ بلڪ آءٌ ملهہ ڏيئي اهو توکان خريد ڪندس: آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ اهڙيون سوختنيون قربانيون نہ چاڙهيندس جن لاءِ مون ڪجهہ ڪين خرچيو هجي. پوءِ دائود اهو ڳاهڻ وارو پڙ ۽ ڏاند، چانديءَ جا پنجاهہ شيڪل ڏيئي ورتا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 تنهن تي بادشاهہ اُروناہ کي چيو تہ ”ائين نہ ٿيندو، بلڪ آءٌ مُلهہ ڏيئي اهي تو کان خريد ڪندس. آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ اهڙيون ساڙڻ واريون قربانيون پيش نہ ڪندس، جن لاءِ مون ڪجھہ بہ خرچ نہ ڪيو هجي.“ سو دائود اَن ڳاهڻ وارو اهو پِڙ ۽ ڏاند چانديءَ جي پنجاهہ سڪن ۾ خريد ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 24:24
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ منهنجا سائين، منهنجي ڳالهہ ٻڌ، اها ٻني ۽ جيڪو غار منجهس آهي، سي ٻئي آءٌ توکي مفت ۾ ٿو ڏيان، اهي آءٌ پنهنجيءَ قوم جي پٽن جي روبرو توکي ٿو ڏيان: تون ڀلي پنهنجو مردو دفن ڪر.


۽ هن انهيءَ ملڪ جي ماڻهن جي روبرو عفرون کي چيو تہ جي تون راضي آهين، تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ منهنجي ڳالهہ ٻڌ؛ آءٌ ٻنيءَ جي قيمت ڏيان ٿو، اها مون کان وٺ، تہ پوءِ آءٌ اتي پنهنجو مردو دفن ڪريان.


۽ ابرهام، عفرون جي ڳالهہ قبول ڪئي؛ ۽ ابرهام اوتري چاندي، جيتري هن حت جي پٽن جي روبرو چئي هئي، يعني چانديءَ جا چار سؤ سڪا، جي واپارين ۾ چالو هئا، سي توري ڏنائينس.


۽ شيطان اسرائيل جي برخلاف اُٿيو، ۽ دائود کي چوريائين تہ اسرائيل جو شمار ڪري.


تڏهن دائود چيو تہ هيءُ خداوند جو گهر آهي ۽ هيءَ ئي اسرائيل جي سوختني قرباني چاڙهڻ لاءِ قربانگاهہ آهي.


بديءَ جي عيوض ڪنهن سان بدي نہ ڪريو. جي ڳالهيون سڀني ماڻهن جي نظر ۾ چڱيون آهن، تن جو خيال رکو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ