Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 24:22 - Sindhi Bible

22 ۽ اروناہ دائود کي چيو تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ ڀلي جيڪي وڻيس سو وٺي چاڙهي: ڏس، سوختني قربانيءَ جي لاءِ ڏاند ۽ ڳاهڻ جا اوزار ۽ ڪاٺين جي لاءِ ڏاندن جا سنج حاضر آهن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 تڏهن اُروناہ دائود کي چيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! ڀلي وٺو ۽ جيڪي اوهان کي وڻي سو قربان ڪريو. ڏسو، ساڙڻ واري قربانيءَ جي لاءِ ڏاند ۽ ٻارڻ لاءِ ڳاهڻ جا اوزار ۽ ڏاندن جون پاڃاريون حاضر آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 24:22
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ منهنجا سائين، منهنجي ڳالهہ ٻڌ، اها ٻني ۽ جيڪو غار منجهس آهي، سي ٻئي آءٌ توکي مفت ۾ ٿو ڏيان، اهي آءٌ پنهنجيءَ قوم جي پٽن جي روبرو توکي ٿو ڏيان: تون ڀلي پنهنجو مردو دفن ڪر.


۽ هو ان جي پٺيان وڃڻ کان موٽيو، ۽ ڏاندن جو جوڙو وٺي اُنهن کي ڪُٺائين، ۽ ڏاندن جي اوزارن سان اُنهن جو گوشت پچائي اُهو ماڻهن کي ڏنائين، جن اُهو کاڌو تنهن کان پوءِ هو اُٿيو، ۽ ايلياہ جي پٺيان لڳو، ۽ سندس خدمت چاڪري ڪرڻ لڳو.


تڏهن دائود ارنان کي چيو تہ مون کي پنهنجو اَن ڳاهڻ وارو پڙ ڏي، تہ آءٌ انهيءَ تي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيان: تون انهيءَ لاءِ مون کان پوري قيمت وٺ، تہ شل وبا خلق تان ٽري.


۽ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هن مضبوط ڳڙهہ جي چوٽيءَ تي، پوري بندوبست سان، هڪڙي قربانگاهہ جوڙ، ۽ اُهو ٻيو ڍڳو وٺي، يسيرت وارين وڍيل ڪاٺين سان سوختني قرباني چاڙهہ.


۽ گاڏي بيت شمسي يشوع جي ٻنيءَ ۾ اچي بيهي رهي، جتي هڪڙو وڏو پٿر پيو هو: ۽ ماڻهن گاڏيءَ جو ڪاٺ چيري اُهي ڳئون خداوند جي لاءِ سوختني قرباني ڪري چاڙهي ڇڏيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ