Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 24:2 - Sindhi Bible

2 ۽ بادشاهہ، لشڪر جو سردار يوآب، جو ساڻس هو، تنهن کي چيو تہ هاڻي تون دان کان وٺي بيرسبع تائين اسرائيل جي سڀني فرقن ۾ وڃ ۽ ماڻهن جو شمار ڪر تہ مون کي خبر پوي تہ ڪل ماڻهو ڪيترا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن دائود بادشاهہ پنهنجي لشڪر جي سپهہ‌سالار يوآب کي، جيڪو ساڻس گڏ هو چيو تہ ”تون اتر واري دان شهر کان وٺي ڏکڻ واري بيرسبع شهر تائين سڄي ملڪ ۾ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن وٽ وڃ ۽ جوان مردن جو شمار ڪر تہ مون کي خبر پوي تہ جنگ جي لائق ڪل ڪيترا آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 24:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو ابرهام صبح جو سوير اُٿيو، ۽ ماني، ۽ پاڻيءَ سان ڀريل هڪڙي مشق هاجرہ کي سندس ڪلهي تي رکي ڏنائين، ۽ ٻار سميت روانو ڪري ڇڏيائينس. هو اتان نڪري بيرسبع جي رڻ پٽ ۾ رلندي رهي.


پر منهنجي صلاح آهي تہ سڀ اسرائيلي دان کان وٺي بيرسبع تائين، جي سمنڊ جي واريءَ جيترا بيشمار آهن، تن کي گڏ ڪر: ۽ تون پاڻ پنهنجي سر وڃي جنگ ڪر.


۽ ضروياہ جو پٽ يوآب، ۽ دائود جا نوڪر نڪري ويا، ۽ جبعون جي ڍنڍ وٽ وڃي هنن کي گڏيا، ۽ هو ٻئي اُتي ويهي رهيا، هڪڙو ڍنڍ جي هڪڙي پاسي ۽ ٻيو ڍنڍ جي ٻئي پاسي.


هاڻي يوآب اسرائيل جي ساري لشڪر جي مٿان هو: ۽ بناياہ بن يهويدع ڪريتين ۽ فلستين جي مٿان هو:


صلق عموني، نحري بيروتي، جي يوآب بن ضروياہ جا زرهہ بردار هئا؛


تڏهن خداوند صبح کان وٺي مقرر ڪيل وقت تائين اسرائيل تي وبا موڪلي: ۽ دان کان وٺي بيرسبع تائين ستر هزار ماڻهو مري ويا.


۽ سائول جي گهراڻي مان بادشاهي ڪڍي دائود جو تخت اسرائيل تي، ۽ يهوداہ تي، دان کان وٺي بيرسبع تائين قائم نہ ڪريان.


۽ يوآب بن ضروياہ لشڪر جو سردار هو؛ ۽ يهوسفط بن اخيلود دفتردار هو:


۽ دائود يوآب کي ۽ قوم جي سردارن کي چيو، تہ وڃي بيرسبع کان وٺي دان تائين اسرائيل جو شمار ڪريو؛ ۽ مون کي خبر آڻي ڏيو تہ آءٌ ڪل تعداد ڄاڻان.


انهيءَ هوندي بہ بابل جي اميرن جا ايلچي، جي ڏانهس موڪليا ويا هئا، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو عجيب ڪم انهيءَ زمين ۾ ڪيو ويو هو، تنهن بابت پڇا ڪن، تن جي نسبت ۾ خدا هن کي آزمائڻ جي لاءِ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي جيڪي هن جي دل ۾ آهي سو سڀ کيس معلوم ٿئي.


ماڻهوءَ جي مغروري نيٺ هن کي نيچو ڪندي: پر جيڪو نماڻي طبيعت جو آهي، سو عزت حاصل ڪندو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ لعنتي آهي اُهو ماڻهو جو ماڻهوءَ تي ڀروسو ٿو رکي، ۽ انسان کي پنهنجي ٻانهن ٿو بنائي، ۽ جنهن جي دل خداوند کان ڦري وڃي ٿي.


۽ ظهورن جي نهايت گهڻائيءَ ڪري متان آئون مغرور ٿي پوان، تنهنڪري منهنجي جسم ۾ هڪڙو ڪنڊو هنيو ويو، تہ شيطان جو قاصد ٿي اهو مون کي تنگ ڪري تہ آئون مغرور نہ ٿيان.


تڏهن سڀ بني اسرائيل هڪ دل ٿي ٻاهر نڪتا، ۽ جماعت جلعاد ۽ دان کان وٺي بيرسبع تائين، مصفاہ ۾، خداوند جي لاءِ گڏ ٿي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ