19 ۽ دائود جاد جي چوڻ موجب جيئن خداوند حڪم ڪيو هو تيئن مٿي ويو.
19 تڏهن دائود جاد جي معرفت خداوند جي ڏنل حڪم موجب اوڏانهن روانو ٿي ويو.
سو نوح ائين ئي ڪيو، ۽ جيڪو بہ حڪم خدا ڏنو هوس، سو بجاءِ آندائين.
۽ انهيءَ ڏينهن جاد دائود وٽ آيو ۽ چيائينس تہ مٿي وڃ، ۽ اروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ ۾ خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙ.
۽ اروناہ اڳيان نهاريو ۽ ڏٺائين تہ بادشاهہ پنهنجن نوڪرن سميت ڏانهنس ٿو اچي: ۽ اروناہ ٻاهر نڪري ويو ۽ بادشاهہ جي اڳيان منهن زمين تي رکي سجدو ڪيائين.
۽ دائود جاد جي چوڻ موجب جيئن خداوند فرمايو هو تيئن مٿي ويو.
۽ هو صبح جو سوير اُٿي تقوع جي بيابان ڏي ويا: ۽ جيئن هو نڪري پئي ويا تيئن يهوسفط بيهي چيو تہ اي يهوداہ ۽ اي يروشلم جا رهاڪو، منهنجي ٻڌو؛ خداوند پنهنجي خدا تي ايمان آڻيو تہ اوهين قائم ٿيو؛ هن جي نبين جي ڳالهہ مڃو تہ اوهين اقبالمند ٿيو.
پر هنن خدا جي پيغمبرن تي ٺٺوليون ڪيون، ۽ سندس ڪلام ڏي نفرت ڏيکاريائون. ۽ سندس نبين تي کلون ڪيائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي پيدا ٿي، ۽ ٻيو ڪوبہ چارو ڪونہ هو.
انهيءَ هوندي بہ هو نافرمان ٿيا ۽ تنهنجي برخلاف بغاوت ڪيائون، ۽ تنهنجي شريعت پنهنجي پٺ جي پٺيان اُڇلائي ڇڏيائون، ۽ جن تنهنجن نبين اُنهن کي تو ڏانهن موٽي اچڻ لاءِ نصيحت ڪئي، تن کي ڪُٺائون، ۽ وڏي ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙا ڪم ڪيائون.
ايمان جي ڪري جڏهن ابراهيم کي سڏ ٿيو، تڏهن حڪم مڃي انهي هنڌ ويو، جتي کيس ورثو ملڻو هو؛ ۽ جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان، تہ بہ اُٿي روانو ٿيو.