Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 24:16 - Sindhi Bible

16 ۽ جڏهن ملائڪ يروشلم کي چٽ ڪرڻ لاءِ اُن ڏي پنهنجو هٿ ڊگهيريو، تڏهن خداوند انهيءَ خرابيءَ کان پنهنجو ارادو بدلايو، ۽ جنهن ملائڪ ماڻهن کي چٽ پئي ڪيو، تنهن کي چيائين تہ هاڻي بس؛ هاڻي پنهنجو هٿ جهل. ۽ خداوند جو ملائڪ اروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ جي پاسي ۾ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 پر ملائڪ جڏهن يروشلم جي تباهيءَ لاءِ ان ڏانهن پنهنجو هٿ ڊگھيريو، تڏهن خداوند کي انهن جي مصيبت تي ترس اچي ويو. سو جنهن ملائڪ ماڻهن کي ماريو پئي تنهن کي چيائين تہ ”بس، هاڻي پنهنجو هٿ جھل.“ ان وقت خداوند جو ملائڪ اُروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ وٽ بيٺو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 24:16
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ مان يبوسي، اموري، جرجاسي،


تڏهن خداوند زمين تي انسان کي پيدا ڪرڻ کان پشيمان ٿيو ۽ دل ۾ رنج ٿيس.


۽ انهيءَ ڏينهن جاد دائود وٽ آيو ۽ چيائينس تہ مٿي وڃ، ۽ اروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ ۾ خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙ.


۽ دائود انهيءَ ڏينهن چيو تہ جيڪو يبوسين کي ماريندو، سو ڀلي تہ چڙهي پاڻيءَ جي نهر تائين وڃي، ۽ انڌن ۽ منڊن کي ماري جي دائود جي روح کي ڌڪارين ٿا. تنهنڪري چوندا آهن تہ انڌا، ۽ منڊا موجود آهن، هو گهر ۾ اچي ڪين سگهندو.


پر پاڻ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ هڪڙي ڄار جي وڻ هيٺ ويهي رهيو: ۽ پنهنجي مرڻ جو سوال ڪرڻ لڳو: ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند، هاڻي بس، منهنجو ساهہ ڪڍ؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن کان بهتر نہ آهيان.


۽ انهيءَ رات هيئن ٿيو تہ خداوند جو ملائڪ نڪري آيو ۽ اسورين جي لشڪرگاهہ ۾ هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهو ماريائين: ۽ جڏهن صبح جو سوير ماڻهو اُٿيا، تڏهن ڏسن تہ اُنهن سڀني جا لاش پيا آهن.


تنهن کانپوءِ سليمان مورياہ جبل تي، يروشلم ۾ خداوند جو گهر جوڙائڻ شروع ڪيو، جتي خداوند هن جي پيءُ دائود کي ڏيکاري ڏني هئي، ۽ جنهن جي تياري هن انهيءَ جاءِ تي ڪئي، جا دائود ارنان يبوسيءَ جي ڳاهڻ واري پڙ ۾ مقرر ڪئي هئي.


۽ خداوند هڪڙو ملائڪ موڪليو، جنهن اسور جي بادشاهہ جي منزلگاهہ ۾ سڀني همت وارن بهادرن ۽ منهندارن ۽ سردارن کي وڍي ڇڏيو. انهيءَ طرح هو ڦڪو منهن کڻي موٽي پنهنجي وطن ڏي ويو، ۽ جڏهن هو پنهنجي معبود جي گهر ۾ آيو، تڏهن جيڪي خود سندس آنڊن مان نڪتا هئا، تن هن کي اتي ترار سان ماري وڌو.


ڇو جو خداوند پنهنجيءَ اُمت جو انصاف ڪندو، ۽ پنهنجن بندن تي قياس ڪندو.


انهن جي واٽ اونداهي ۽ ترڪڻي ٿئي، ۽ خداوند جو فرشتو سندن پٺيان پوي.


پر ڇالاءِ جو هو رحيم آهي، تنهن ڪري سندن ڏوهہ معاف ڪيائين: هائو ڪيترائي ڀيرا پنهنجي غصي کي روڪي ڇڏيائين، ۽ پنهنجيءَ ڪاوڙ کي وڌڻ تہ ڏنائين.


اي خداوند، باز اچ ڪيستائين؟ ۽ پنهنجن بندن تي رحم ڪر.


۽ جن گهرن ۾ اوهين رهو ٿا، تن تي اهو رت اوهان جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيندو؛ ۽ آءٌ اهو رت ڏسي اوهان کي ڇڏي لنگهي ويندس، ۽ جڏهن آءٌ مصر جي ملڪ وارن کي ماريندس، تڏهن اوهان کي برباد ڪرڻ لاءِ ڪابہ آفت اوهان تي ڪانہ ايندي.


ڇالاءِ جو خداوند مصرين جي مارڻ لاءِ لنگهندو؛ ۽ جڏهن هو سردرن ۽ ٻانهين تي رت ڏسندو، تڏهن خداوند انهيءَ در کي ڇڏي لنگهي ويندو، ۽ تباهي آڻڻ واري کي اوهان جي گهرن ۾ اچڻ ڪين ڏيندو تہ اچي اوهان کي ماري.


تڏهن خداوند پنهنجيءَ اُمت تي اُها آفت آڻڻ کان باز آيو جنهن جو ارادو ڪيو هئائين.


اوهين خداوند کان دعا گهرو ڇالاءِ جو هاڻ ڪافي گجگوڙ ۽ ڳڙا پيا آهن. هاڻي آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس، ۽ اوهان کي وڌيڪ ترسڻو نہ پوندو.


جڏهن تو هن کي ڪڍيو، تڏهن تو انصاف سان ساڻس حجت ڪئي؛ اُڀرندي واري واءُ جي ڏينهن هن پنهنجي سخت طوفان سان انهي کي ڪڍي ڇڏيو آهي.


ڇالاءِ جو آءٌ هميشہ جهيڙو نہ ڪندس، نڪي آءٌ هميشہ ڪاوڙبس: نہ تہ روح ۽ جانيون جن کي مون پيدا ڪيو آهي سي منهنجي اڳيان بيتاب ٿي وينديون.


پوءِ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ ۽ يهوداہ جي ماڻهن ڪو هن کي قتل ڪيو ڇا؟ هن خداوند کان ڊڄي خداوند جي مهربانيءَ جي لاءِ منٿ آزي نہ ڪئي ڇا؟ جنهن ڪري جنهن خرابي جو هنن جي برخلاف خداوند حڪم جاري ڪيو هو، تنهن کان ڦريو؟ انهيءَ طرح اسين پنهنجن جانين سان وڏي خرابي ڪنداسين.


جيڪڏهن اوهين هن زمين ۾ رهندا ايندا تہ آءٌ اوهان کي اڏيندس ۽ ڊاهيندس ڪين، ۽ آءٌ اوهان کي پوکيندس ۽ پٽيندس ڪين: ڇالاءِ جو جيڪا خرابي مون اوهان سان ڪئي آهي تنهن کان آءٌ ڦريو آهيان.


تڏهن خداوند هن جي نسبت ۾ ڦريو، ۽ خداوند فرمايو تہ ائين نہ ٿيندو.


خداوند انهيءَ جي نسبت ۾ بہ ڦريو، ۽ خداوند فرمايو تہ ائين بہ ڪين ٿيندو.


اي خداوند، آءٌ تنهنجي ناموس ٻڌي ڏڪي ويو آهيان. اي خداوند، تون پنهنجو ڪم هن ئي زماني ۾ بحال ڪر. هن ئي زماني ۾ انهي کي پڌرو ڪر؛ قهر جي وقت ۾ رحم ياد ڪر.


آءٌ سندن وات مان رت پيئڻ ڪڍي ڇڏيندس، ۽ سندن ڏندن مان بُتن جي قربانيءَ جو کاڌو. ۽ هو بہ اسان جي خدا جي اڳيان باقي بچيل ٿيندو، ۽ هو يهوداہ ۾ سردار وانگر ٿيندو، ۽ عقرون يبوسين وانگي ٿيندو.


۽ هو ٽيون دفعو آيو، ۽ هنن کي چوڻ لڳو تہ هاڻي ڀلي سمهي ننڊون ڪريو، ۽ آرام وٺو: بس اُها گهڙي اچي پهتي آهي؛ اِجهو ابن آدم گنهگارن جي هٿن ۾ ڏنو ٿو وڃي.


۽ اُنهي دم خدا جي ملائڪ اچي ماريس، ڇالاءِ جو هن خدا کي وڏائي نہ ڏني؛ ۽ ڪينئان پئجي ويس، ۽ مري ويو.


نڪي اوهين ڪُرڪو ڪنجهو، جيئن هنن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ برباد ڪرڻ واري برباد ڪري ڇڏين.


اها سزا، جا گهڻن جي طرفان ملي، سا اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪافي آهي؛


باقي يبوسي جي يروشلم ۾ رهندا هئا، تن کي بني يهوداہ هڪالي ڪڍي نہ سگهيا: انهي ڪري يبوسي اڄ تائين يروشلم ۾ بني يهوداہ سان گڏ رهندا اچن.


۽ بني بنيمين يروشلم ۾ رهندڙ يبوسين کي نہ ڪڍيو، پر يبوسي بني بنيمين سان اڄ تائين يروشلم ۾ رهندا اچن.


جڏهن هو يبوس جي ڀرسان ويا تڏهن ڏينهن گهڻو گذري ويو هو: ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ کي چيو تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ اسين هلي رات يبوسين جي هن شهر ۾ ٽڪون.


آءٌ سائول کي بادشاهہ ڪري پشيمان ٿيو آهيان: ڇالاءِ جو هو منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦريو آهي، ۽ منهنجن حڪمن جي تعميل نہ ڪئي اٿس، تنهن تي سموئيل ڪاوڙيو؛ ۽ سڄي رات خداوند جي اڳيان دعا ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ