Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 24:14 - Sindhi Bible

14 ۽ دائود جاد کي چيو تہ آءٌ ڏاڍيءَ مشڪلات ۾ آهيان: هاڻي مناسب آهي تہ خداوند جي هٿ ۾ هلي پئون؛ ڇالاءِ جو هن جون وڏيون رحمتون آهن: آءٌ ماڻهو جي هٿن ۾ نہ پوان تہ چڱو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 دائود جاد کي وراڻيو تہ ”آءٌ ڏاڍي مصيبت ۾ آهيان. هاڻي اسان جو خداوند جي هٿ ۾ هلي پوڻ ئي بهتر آهي، ڇاڪاڻ تہ هن جون وڏيون رحمتون آهن. آءٌ ماڻهن جي هٿن ۾ نہ پوان تہ چڱو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 24:14
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن تعظيم ڏئي چيو، تہ تنهنجو ٻانهو ڪير آهي جو تون مون جهڙي مئل ڪتي ڏانهن نهارين؟


۽ جڏهن اُنهيءَ خدا جي مرد جو نوڪر سوير اُٿي ٻاهر نڪتو، تڏهن ڏسي تہ هڪڙو لشڪر گهوڙن ۽ رٿن سميت شهر کي وڪوڙيو بيٺو آهي. ۽ هن جي نوڪر کيس چيو تہ اي منهنجا ڌڻي، هاءِ، هاڻي اسين ڪيئن ڪنداسين؟


۽ دائود جاد کي چيو تہ آءٌ ڏاڍيءَ مشڪلات ۾ آهيان: هاڻي ائين ٿئي تہ خداوند جي هٿ ۾ وڃي پوان؛ ڇالاءِ جو هن جون رحمتون ڏاڍيون وڏيون آهن: ۽ آءٌ شل انسان جي هٿ ۾ نہ پوان.


اي خداوند تنهنجون رحمتون گهڻيون آهن: پنهنجن فيصلن موجب مون کي جيار.


پر تو وٽ معافي آهي، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهو توکان ڊڄن.


اي اسرائيل خداوند ۾ اميد رک؛ ڇو جو خداوند وٽ رحم آهي، ۽ وٽس ججهو ڇوٽڪارو آهي.


خداوند سڀني سان ڀلو آهي؛ ۽ هن جو رحم سندس سڀني مخلوقن تي آهي.


اي خدا پنهنجيءَ ٻاجهہ موجب مون تي رحم ڪر: پنهنجي گهڻي رحم موجب منهنجا گناهہ مٽائي ڇڏ.


پر اي خداوند تون رحيم ۽ ڪريم خدا آهين، تون غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم ۽ سچائيءَ سان ڀرپور آهين.


ڇو جو تون اي خداوند نيڪ آهين، ۽ معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهين ۽ جيڪي توکي پڪارين ٿا تن تي تون ڏاڍو رحيم آهين.


سچو ماڻهو پنهنجي جانور جي ساهہ جي سنڀال رکي ٿو: پر شريرن جون رحم جهڙيون مهربانيون بہ ظلم جهڙيون آهن.


آءٌ پنهنجيءَ اُمت سان ڪاوڙيل هوس، مون پنهنجيءَ ميراث کي پليت ڪيو، ۽ انهن کي تنهنجي حوالي ڪيم: تو انهن تي رحم نہ ڪيو؛ تو ٻڍن تي بہ پنهنجي ڳري پاڃاري رکي.


شرير ماڻهو پنهنجو رستو ڇڏي، ۽ ناراست پنهنجا خيال ڇڏي ڏئي: اهو خداوند ڏانهن موٽي تہ هو مٿس رحم ڪندو؛ ۽ اسان جي خدا ڏانهن اچي، ڇالاءِ جو هو گهڻي معافي ڏيندو.


پر انهي ڏينهن، خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي ڇڏائيندس: ۽ جن ماڻهن کان تون ڊڄين ٿو انهن جي هٿن ۾ نہ ڏنو ويندين.


اهو خداوند جي رحم ڪري آهي جو اسين مري کپي نہ ويا آهيون، ڇالاءِ جو هن جو رحم کٽڻ جو ناهي.


خداوند اسان جي خدا وٽ، جيتوڻيڪ اسين هن کان باغي ٿيا آهيون، رحمت ۽ معافي آهي؛


۽ خدا کي عرض ڪري چيائين، تہ اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان، تہ جڏهن آءٌ اڃا پنهنجي ملڪ ۾ هوس، تڏهن اهو منهنجو چوڻ نہ هو ڇا؟ تنهنڪري آءٌ تڪڙو ٿي ترسيس ڏي ڀڳس: ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ تون رحيم ۽ ٻاجهارو خدا آهين، ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ نهايت مهربان آهين، ۽ پنهنجي غضب کان ڦرين ٿو.


تو جهڙو ٻيو ڪهڙو خدا آهي جو گناهہ معاف ڪري ٿو، ۽ پنهنجي ميراث جي باقي رهيلن جي ڏوهہ کان گذر ڪري ٿو؟ هو هميشہ لاءِ ڪاوڙيل نٿو رهي، ڇالاءِ جو هن کي رحم ڪرڻ پسند آهي.


هو ڦرندو ۽ اسان تي رحم ڪندو. هو اسانجن گناهن کي پيرن هيٺ لتاڙيندو: ۽ تون هنن جا سڀ گناهہ سمنڊ جي تري ۾ اُڇلائي ڦٽا ڪندين.


۽ آءٌ انهن قومن تي تمام ناراض آهيان جي آرام ۾ آهن؛ ڇالاءِ جو جڏهن آءٌ ٿورو ئي ناراض هوس، تہ هنن برائي ڪري گهڻي مار ڪٽ ڪئي.


هاڻي منهنجي جان پريشان ٿي ٿئي، ۽ آئون ڇا چوان؟ اي بابا، هن گهڙيءَ کان مون کي بچاءِ. پر انهيءَ سبب تہ آئون هن گهڙيءَ کي رسيو آهيان.


پر آئون ٻنهي جي وچ ۾ ڦاٿل آهيان، جو منهنجي خواهش آهي تہ هتان رحلت ڪري وڃان ۽ وڃي مسيح سان گڏجان؛ ڇالاءِ جو اهو سڀ کان بهتر آهي:


جڏهن اسرائيل جي ماڻهن ڏٺو تہ ڏاڍا تنگ اچي ٿيا آهيون (ڇالاءِ جو اُهي ماڻهو ڏاڍي تڪليف ۾ هئا) تڏهن هنن پاڻ کي غارن، ۽ گهاٽن جهنگن، ۽ ٽڪرن، ۽ ڏرن، ۽ کڏن ۾ لڪايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ