Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 24:11 - Sindhi Bible

11 ۽ جڏهن دائود صبح جو اُٿيو تڏهن خداوند جو ڪلام دائود جي غيب دان جاد نبيءَ تي نازل ٿيو، جنهن چيس تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 سو جڏهن دائود صبح جو اٿيو، ان وقت سندس غيبدان جاد نبيءَ کي خداوند فرمايو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 24:11
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند ناتن کي دائود ڏي موڪليو. ۽ اهو هن وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ هڪڙي شهر ۾ ٻہ ماڻهو هئا؛ هڪڙو شاهوڪار ۽ ٻيو غريب.


وڃي دائود کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي ٽي شيون ٿو آڇيان؛ انهن مان هڪڙي چونڊي کڻ تہ آءٌ توسان ائين ڪريان.


۽ عزوبہ مئي، ۽ ڪالب افرات سان شادي ڪئي، ۽ انهيءَ مان حور ڄائس.


۽ خداوند دائود جي غيب دان، جاد کي فرمايو تہ


بادشاهہ جي غيب دان هيمان، جو خداوند جي ڪلام لاءِ هو، تنهن جا اهي سڀ پٽ هئا، جي ناد وڄائيندا هئا. ۽ خداوند هيمان کي چوڏهن پٽ ۽ ٽي ڌيئرون ڏنيون.


هاڻي دائود بادشاهہ جا ڪم، شروع کان وٺي آخر تائين، ڏس، سڀيئي سموئيل غيب دان جي تواريخ ۾، ۽ ناتن نبيءَ جي تواريخ ۾، ۽ جاد غيب دان جي تواريخ ۾؛


۽ هن خداوند جي گهر ۾ لاوين کي جهانجهن سان، سنطورن سان ۽ بربطن سان دائود جي، ۽ بادشاهہ جي غيب دان جاد، ۽ ناتن نبيءَ جي حڪم موجب مقرر ڪيو: ڇالاءِ جو اهو حڪم خداوند جو سندس نبين جي معرفت مليل هو.


۽ جاد نبيءَ دائود کي چيو تہ انهي ڳڙهہ ۾ نہ رهہ؛ هتان نڪري يهوداہ جي ملڪ ۾ وڃ. تڏهن دائود نڪري ويو، ۽ حارت جي ٻيلي ۾ آيو.


(اڳئين زماني ۾ اسرائيل منجهہ، جڏهن ڪو ماڻهو خدا کان ڪي پڇڻ ويندو هو تڏهن چوندو هو تہ اچو تہ غيب دان وٽ هلون: ڇالاءِ جو جنهن کي هاڻي نبي ٿا سڏين، تنهن کي اڳي غيب دان سڏيندا هئا.)


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ