Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 24:1 - Sindhi Bible

1 ۽ خداوند جي ڪاوڙ وري بہ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ انهيءَ دائود کي انهن جي برخلاف چوريو، ۽ چيائينس تہ وڃي اسرائيل ۽ يهوداہ جو شمار ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن تہ خداوند بني اسرائيل تي وري بہ ڏاڍو ڪاوڙيو. سو هن دائود کي انهن جي خلاف اڀاريو ۽ چيائينس تہ ”وڃي بني يهوداہ ۽ ٻين بني اسرائيل وارن جو شمار ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 24:1
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي فڪر نہ ڪريو، نڪي انهيءَ لاءِ غمگين ٿيو تہ اوهان مون کي هتي وڪيو: ڇالاءِ جو خدا ڪيترن جي جان بچائڻ لاءِ اوهان کان اڳ ۾ مون کي هتي موڪليو.


باقي اوهان برابر مون سان برائي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر خدا کي انهيءَ مان ڀلائي ڪرڻي هئي، ۽ ائين ئي ڪرڻو هوس، جيئن اڄ ٿيو آهي، جو گهڻن ماڻهن جي حياتي بچي پيئي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ تنهنجي ئي گهر مان تو تي خرابي اُٿاريندس، ۽ تنهنجين اکين آڏو تنهنجون زالون وٺي تنهنجي پاڙيسريءَ کي ڏيندس، ۽ اُهو ڏينهن ڏٺي جو تنهنجي زالن سان سمهندو.


۽ بادشاهہ چيو تہ اي ضروياہ جا پٽ، منهنجو اوهان سان ڇا وڃي؟ هو لعنت انهيءَ ڪري ٿو ڪري جو خداوند هن کي چيو آهي تہ دائود تي لعنت ڪر؛ تڏهن ڪير چوندو تہ تو ڇو هيئن ڪيو آهي؟


۽ اُنهيءَ وقت بادشاهہ يهورام سامريہ مان نڪري سڀ اسرائيلي گڏ ڪيا.


۽ شيطان اسرائيل جي برخلاف اُٿيو، ۽ دائود کي چوريائين تہ اسرائيل جو شمار ڪري.


۽ تولع جا پٽ؛ عزي، ۽ رفاياہ، ۽ يري ايل، ۽ يحمي، ۽ ابسام، ۽ سموئيل، هي سندن ابن جي گهراڻن جا رئيس هئا، يعني تولع جا، سندن پيڙهين موجب همت وارا بهادر ماڻهو، انهن جو شمار دائود جي ڏينهن ۾ ٻاويهہ هزار ۽ ڇهہ سؤ ماڻهو.


اهي بني آشر هئا، جي ابن جي گهراڻن جا رئيس، چونڊيل همت وارا بهادر مرد ۽ اميرن ۾ مکيہ هئا. ۽ انهن جو شمار نسب نامي موجب جنگ جي خدمت لاءِ ڇويهہ هزار ماڻهو هو.


پر حزقياہ جيڪو فائدو کيس رسايو ويو هو، تنهن موجب ڪجهہ بہ ڪين ڪيو؛ ڇالاءِ جو هن جي دل مغرور ٿي تنهنڪري ان تي، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم تي، غضب نازل ٿيو.


۽ آءٌ فرعون جي دل سخت ڪندس، ۽ پنهنجا معجزا، ۽ عجيب ڪم مصر جي ملڪ ۾ وڌائيندس.


۽ جيڪڏهن نبي ٺڳجي ڪو ڪلام ڪندو، تہ مون خداوند انهي نبيءَ کي ڀنڀلايو آهي، ۽ آءٌ پنهنجو هٿ انهي تي ڊگهيريندس، ۽ انهي کي پنهنجي قوم اسرائيل مان وڍي ڇڏيندس.


تنهن کانسواءِ مون هنن کي اهڙا قانون بہ ڏنا جي چڱا نہ هئا؛ ۽ اهڙا حڪم ڏنم جن جي ڪري هو جيئرا نہ رهن؛


۽ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو، تہ اوهين پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙيو، ۽ نڪي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيو؛ متان اوهين مري وڃو، ۽ متان هو ساريءَ جماعت تي ڪاوڙجي: پر اوهان جا ڀائر، يعني اسرائيل جو سڄو گهراڻو، ڀلي تہ انهن جي لاءِ جن کي خداوند ساڙيو آهي ماتم ڪن.


۽ جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن هن سينا جي بيابان ۾ اُنهن جو شمار ڪيو.


تان تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجيءَ مرضيءَ پٽاندر اڳيئي مقرر ٿيل هو سو پورو ڪن.


۽ انهي ڪري خدا هنن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ٿو ڏئي تہ ڪوڙ کي مڃين:


تنهن تي خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ هن انهن کي ڦرلٽ ڪرڻ وارن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي ڦري لٽي ڇڏيو، ۽ انهن کي آس پاس وارن دشمنن وٽ وڪڻي ڇڏيائين، جنهنڪري هو وري پنهنجي دشمنن جي سامهون بيهي ڪين سگهيا.


تڏهن خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي؛ ۽ هن چيو تہ ڇو هن قوم جي ابن ڏاڏن، جنهن عهد اقرار جو مون حڪم ڏنو هو، سو ڀڳو آهي، ۽ منهنجو حڪم نہ مڃيو اٿن؛


تنهنڪري هاڻي آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ پنهنجي ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌي. جيڪڏهن خداوند توکي چوري منهنجي برخلاف ڪيو آهي، تہ هڪڙو نذرانو قبول ڪر: پر جي اُهو انسان جو ڪم هجي تہ شل اُهي خداوند جي اڳيان لعنتي ٿين: ڇالاءِ جو اُنهن اڄ مون کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو آهي، انهي لاءِ تہ منهنجو خداوند جي ميراث ۾ ڪو حصو نہ رهي، ۽ مون کي چون ٿا تہ وڃ وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ