Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 23:6 - Sindhi Bible

6 پر سڀ بي دين ماڻهو ڪنڊن وانگر اُڇلايا ويندا، ڇالاءِ جو اهي هٿن سان کڻي نہ سگهبا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پر بدڪار ماڻهو اهڙن نقصانڪار ڪنڊن جيان آهن، جن کي هٿن سان کڻي نہ ٿو سگھجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 23:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ مان تو لاءِ ڪنڊيون ۽ ڪانڊيرا اُڀرندا ۽ تون ٻنيءَ جي ڀاڄي کائيندين؛


۽ اتفاق سان اتي هڪڙو بدمعاش بنيميني هو جنهن جو نالو سبع بن بڪري هو. ۽ انهيءَ قرناءِ وڄائي چيو تہ اسان جي دائود ۾ ڪابہ پتي ڪانہ آهي، نڪي يسيءَ جي پٽ ۾ ڪوبہ ورثي جو حق آهي: اي اسرائيليو، سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي.


جيئن سوسن ڪنڊن ۾ آهي، تيئن منهنجي محبوبہ ڪنوارين ۾ آهي.


مون ۾ ڪاوڙ ڪانهي، جنگ ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا منهنجي برخلاف هجن ها تہ آءٌ انهن تي ڪاهہ ڪريان ها، ۽ سڀني کي گڏ ساڙي ڇڏيان ها.


۽ قومون سڙندڙ چن وانگي ٿينديون: وڍيل ڪنڊن وانگي، جي باهہ ۾ ساڙيا وڃن.


۽ اي آدمزاد، تون انهن کان نہ ڊڄ ۽ نہ انهن جي ڳالهين کان ڊڄ؛ جيتوڻيڪ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا توسان هجن ۽ تون وڇن منجهہ رهندو هجين تہ بہ انهن جي ڳالهين کان نہ ڊڄ، ۽ نہ انهن جي شڪلين کان ڊڄ، جيتوڻيڪ هو باغي گهراڻو آهي.


انهن مان جيڪو تمام چڱو آهي سو ڪانڊيري جهڙو آهي ۽ جيڪو تمام سچو آهي سو ڪنڊن جي لوڙهي کان بہ خراب آهي: تنهنجي پهري وارن جو ڏينهن يعني تنهنجي سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي: هاڻي هنن ۾ حيراني پريشاني پوندي.


جيتوڻيڪ هو ڳتيل ڪنڊن وانگر آهن، ۽ ڄڻ تہ شراب ۾ پُسيل آهن، تہ بہ سُڪل بهہ وانگي سڙي چٽ ٿي ويندا.


ابن آدم پنهنجا ملائڪ موڪليندو، ۽ اُهي سندس بادشاهت مان جيڪي شيون گمراهہ ٿيون ڪن، ۽ جيڪي بڇڙائي ڪن ٿا، تن سڀني کي ميڙي ڪٺو ڪندا،


تہ ڪي ڪميڻا ماڻهو تنهنجي وچ مان نڪري پنهنجي شهر جي ماڻهن کي هيئن چئي گمراهہ ڪري رهيا آهن، تہ اچو تہ اهڙن معبودن جي عبادت ڪريون، جن جي اوهان کي خبر ڪانهي؛


هاڻي عيليءَ جا ٻہ پٽ شرير هئا؛ هو خداوند کي نہ سڃاڻندا هئا.


تنهنڪري هاڻي ڄاڻ ۽ ويچار ڪر، تہ ڇا ڪرڻو اٿيئي؛ ڇالاءِ جو اسان جي ڌڻي ۽ سندس ساري گهراڻي لاءِ خرابي رٿي ويئي آهي: هن ڪري جو هو اهڙو بڇڙو آهي جو ڪوبہ هن سان ڳالهائي نٿو سگهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ