Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 23:5 - Sindhi Bible

5 تحقيق منهنجو گهراڻو خداوند وٽ اهڙو نہ آهي؛ انهيءَ هوندي بہ هن هميشہ لاءِ مون سان عهد اقرار ڪيو آهي، جو سڀني ڳالهين ۾ ترتيب وارو ۽ محڪم آهي: ڇالاءِ جو اهو منهنجو پورو ڇوٽڪارو، ۽ منهنجي سموري خواهش آهي، ۽ جيتوڻيڪ هو انهيءَ کي نٿو وڌائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 مون دائود جي گھراڻي جي بادشاهي خداوند آڏو اهڙي ئي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن مون سان دائمي عهد ٻڌو آهي. هائو، اهڙو عهد ٻڌو اٿس جيڪو هر ڳالهہ ۾ مڪمل، مستحڪم ۽ محفوظ آهي. سو منهنجو مڪمل بچاءُ ۽ منهنجي پوري مراد اهو ئي آهي، ۽ بيشڪ خداوند اهو عهد پورو ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 23:5
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڪمان ڪڪرن ۾ رهندي؛ ۽ آءٌ انهيءَ تي نگاهہ ڪندس، تہ اهو عهد ياد ڪريان، جو خدا ۽ زمين جي سڀني ساهوارن جي وچ ۾ آهي.


تنهنڪري هاڻي تنهنجي گهراڻي مان ترار اصل نہ ٽرندي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجي حقارت ڪئي آهي، ۽ اورياہ حتيءَ جي زال کي تو پنهنجي زال بڻايو آهي.


انهيءَ هوندي بہ هن سندس ڳالهہ نہ مڃي: پر هن کان مضبوط هئڻ ڪري هو زور زبردستي ڪري هن سان سُتو.


۽ ابي سلوم پنهنجن نوڪرن کي حڪم ڏئي چيو تہ هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون شراب پي خوشدل ٿئي؛ ۽ جڏهن آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو تڏهن انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ۽ ڊڄو متان: مون اوهان کي حڪم نہ ڏنو آهي ڇا؟ همت جهلجو، ۽ بهادر ٿجو.


تڏهن يوآب چيو تہ انهيءَ طرح آءٌ تو وٽ وڌيڪ ترسي نٿو سگهان. ۽ هن ٽي تير هٿ ۾ کڻي ابي سلوم جي دل مان لنگهائي وڌا، جڏهن اڃا هو جيئرو جاڳندو شاهہ بلوط جي وچ ۾ هو.


جڏهن تنهنجا ڏينهن پورا ٿيندا، ۽ تون پنهنجن ابن ڏاڏن سان گڏ وڃي سمهندين، تڏهن توکان پوءِ جيڪو تنهنجو اولاد تنهنجن آنڊن مان نڪرندو، تنهن کي آءٌ کڙو ڪندس، ۽ انهن جي بادشاهت بہ قائم ڪندس.


تڏهن دائود بادشاهہ اندر لنگهي ويو، ۽ خداوند جي حضور ۾ وڃي ويٺو؛ ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند خدا، آءٌ ڪير آهيان، ۽ منهنجو گهراڻو ڇا آهي جو تو مون کي هن درجي تائين آندو آهي؟


تڏهن ادونياہ بن حجيت، وڏائيءَ جو دم هڻي چوڻ لڳو تہ آءٌ بادشاهہ ٿيندس: ۽ هن پنهنجي لاءِ گاڏيون ۽ گهوڙي سوار تيار ڪيا، ۽ پنجاهہ ماڻهو بہ، انهيءَ لاءِ تہ سندس اڳيان ڊوڙي هلن.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان سو جيڪڏهن تون مڃيندين، ۽ منهنجن رستن تي هلندين، ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ برابر آهي سو ڪندين، ۽ منهنجن قاعدن، ۽ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪندين، جيئن منهنجو ٻانهو دائود ڪندو هو، تہ آءٌ توسان هوندس، ۽ تنهنجي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندس، جيئن دائود جي لاءِ جوڙيو هوم، ۽ اسرائيل تنهنجي حوالي ڪندس.


۽ جوان ماڻهن جي صلاح پٺيان هنن کي چيائين تہ منهنجي پيءُ اوهان جي پاڃاري ڳري ڪئي هئي، پر آءٌ پاڻ انهيءَ کان بہ ڳري ڪندس: منهنجي پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ٿي ڏني، پر آءٌ اوهان کي وڇن سان سزا ڏيندس.


هن پنهنجي اُمت جي لاءِ ڇوٽڪارو موڪليو؛ ۽ پنهنجو عهد هميشہ جي لاءِ مقرر ڪيو اٿس: هن جو نالو پاڪ ۽ ادب جي لائق آهي.


ڪ منهنجي جان تنهنجي نجات جي لاءِ بيحال آهي: پر مون کي تنهنجي ڪلام تي ڀروسو آهي.


مون خداوند کي هڪڙو سوال ڪيو آهي، ۽ انهي جو آءٌ طالب رهندس؛ تہ آءٌ سڄي ڄمار خداوند جي گهر ۾ گذاريان، ۽ خداوند جو جمال ڏسان، ۽ سندس هيڪل ۾ ڌيان ڪريان.


رڳو اهو ئي منهنجو ٽڪر ۽ منهنجي نجات آهي: اهو ئي منهنجو اوچو ٺلهہ آهي؛ سو مون کي لوڏو ئي ڪين ايندو.


مون پنهنجي چونڊيلن سان عهد ڪيو آهي، ۽ پنهنجي بندي دائود سان قسم کنيو اٿم.


۽ يسيءَ جي ٿُڙ مان هڪڙو ڏار نڪرندو، ۽ ان جي پاڙن مان ڦر نڪرندو:


ايندڙ ڏينهن ۾ يعقوب پاڙ هڻندو؛ ۽ اسرائيل ٻور جهليندو، ۽ گل ڪندو: اهي ساري دنيا ميون سان ڀري ڇڏيندا.


انهي ڏينهن جيڪي اسرائيل مان ڀڄي نڪتا هوندا تن لاءِ خداوند جي ٽاري سهڻي ۽ شاندار ٿيندي، ۽ زمين جي اُپت انهن جي لاءِ تمام عمدي ۽ وڻندڙ ٿيندي.


ڇالاءِ جو خداوند جنهن جو رحم توتي آهي، سو فرمائي ٿو تہ جبل هليا وڃن، ۽ ٽڪريون هٽجي وڃن؛ پر منهنجي مهرباني تو تان نہ هٽندي، نڪي منهنجو سلامتيءَ وارو عهد ٽري ويندو.


اوهين پنهنجو ڪن ڏيو ۽ مون ڏانهن اچو؛ ٻڌو تہ اوهان جو روح جيئرو رهي: ۽ آءٌ اوهان سان هميشہ لاءِ عهد ڪندس، يعني دائود واريون سچيون رحمتون نازل ڪندس.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند عدالت کي پسند ٿو ڪريان، ۽ ڦرمار ۽ بي انصافيءَ کان نفرت ٿو ڪريان: آءٌ انهن کي سچائيءَ سان سندن عيوضو ڏيندس، ۽ آءٌ انهن سان هميشہ لاءِ عهد ڪندس.


تنهن ڪري خداوند پاڻ اوهان کي هڪڙو نشان ڏيندو؛ ڏسو، هڪڙي ڪنواري زال پيٽ سان ٿيندي، ۽ هڪڙو پٽ ڄڻيندي، ۽ انهيءَ جو نالو عمانوايل رکندي.


۽ آءٌ هنن سان مدامي عهد اقرار ڪندس، ۽ آءٌ هنن سان چڱائي ڪرڻ کان ڪين ڦرندس؛ ۽ آءٌ پنهنجو خوف هنن جي دل ۾ وجهندس تہ هو مون کان پري نہ وڃن.


تہ تڏهن جيڪو عهد اقرار مون پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو آهي سو بہ ڀڃي سگهبو، تہ هن کي سندس تخت تي ويهي بادشاهي ڪرڻ لاءِ پٽ نہ ٿئي؛ ۽ اهو عهد اقرار بہ جو مون پنهنجن خدمتگارن لاوين، يعني ڪاهنن سان ڪيو آهي.


تنهن کان سواءِ آءٌ هنن سان سلامتيءَ جو عهد اقرار ڪندس: اُهو هنن سان مدامي عهد اقرار ٿيندو؛ ۽ آءٌ هنن کي اُتي رکندس ۽ وڌائيندس، ۽ پنهنجو پاڪ مڪان هميشہ لاءِ هنن جي وچ ۾ قائم ڪندس.


اُنهيءَ ڏينهن دائود جو تنبو، جو ڪِري پيو آهي، سو آءٌ کڙو ڪندس، ۽ انهيءَ جا ڦاٽ بند ڪندس، ۽ انهيءَ جا ڦٽل هنڌ وري جوڙي ٺاهيندس، ۽ اڳين ڏينهن وانگي اُنهي کي اڏيندس؛


باقي اها ڳالهہ تہ هن اُنهي کي اهڙيءَ طرح مُئلن مان جياريو جو هو وري مرڻ جو ناهي، تنهن بابت هن هيئن چيو آهي، تہ ”آئون توکي دائود واريون پاڪ ۽ سچيون نعمتون ڏيندس.“


هاڻي خدا جو اطمينان جو چشمو آهي، جنهن رڍن جي وڏي چرواهي کي، يعني اسان جي خداوند يسوع کي، هميشہ جي عهد جي رت جي وسيلي مُئلن مان وري جياري اُٿاريو،


اُها اُميد اسان جي جان جو اهڙو لنگر آهي، جو مضبوط ۽ قائم آهي، ۽ پردي جي اندر بہ پهچي ٿي؛


۽ آءٌ پنهنجي لاءِ هڪڙو ايماندار ڪاهن مقرر ڪندس جو منهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو: ۽ آءٌ انهي جي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندس؛ ۽ اُهو هميشہ منهنجي ممسوح ڪيل جي اڳيان هلندو.


آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ پنهنجي ٻانهيءَ جو گناهہ معاف ڪر: ڇالاءِ جو پڪ آهي تہ خداوند منهنجي ڌڻيءَ جي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندو؛ ڇالاءِ جو منهنجو ڌڻي خداوند جون جنگيون ٿو ڪري؛ ۽ تنهنجي ساري ڄمار جي ڏينهن ۾ توکي ڪابہ خرابي نہ رسندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ