Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 23:3 - Sindhi Bible

3 اسرائيل جي خدا فرمايو، اسرائيل جي ٽڪر مون سان ڳالهايو: جيڪو ماڻهن تي سچائيءَ سان حڪم هلائي ٿو، جو خدا جي ڊپ سان بادشاهي ڪري ٿو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 بني اسرائيل جو خدا جيڪو اسان جو محافظ آهي، تنهن مون کي هي فرمايو آهي تہ ’جيڪو بادشاهہ سچائيءَ سان حڪم هلائي ٿو، ۽ مون خدا کان ڊڄندي بادشاهي ڪري ٿو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 23:3
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اتي هڪڙي قربانگاهہ جوڙيائين ۽ انهيءَ جو نالو ايل ايلوہ اسرائيل رکيائين.


ڇالاءِ جو خداوند کان سواءِ ڪير خدا آهي؟ ۽ اسان جي خدا کان سواءِ ڪير ٽڪر آهي؟


۽ دائود ساري اسرائيل تي بادشاهي ڪئي؛ ۽ دائود پنهنجي ساريءَ قوم جو عدل ۽ انصاف ڪيو.


برڪت وارو هجي خداوند تنهنجو خدا، جو تو مان راضي هو ۽ جنهن توکي اسرائيل جي تخت تي ويهاريو: خداوند اسرائيل کي هميشہ پيار ڪندو هو، تنهنڪري هن توکي بادشاهہ ڪيو تہ عدالت ۽ انصاف ڪرين.


تنهن کان سواءِ، جنهن وقت مان يهوداہ جي ملڪ ۾ هنن جو حاڪم مقرر ٿيس، تنهن وقت کان وٺي، يعني ارتخششتا بادشاهہ جي ويهين سال کان وٺي، ٻٽيهين سال تائين، يعني ٻارهن سال، مون ۽ منهنجن ڀائرن، حاڪم جي ماني نہ کاڌي آهي.


جيڪو شخص حق کي ڌڪاري ٿو سو ڪو حڪمراني ڪندو ڇا؟ ۽ جيڪو انصاف وارو ۽ طاقتمند آهي تنهن کي تون الزام ڏيندين ڇا؟


خداوند صيون مان تنهنجي زور جي لٺ موڪليندو: سو تون پنهنجي دشمنن تي حڪومت هلاءِ.


خدا جو منهنجو ٽڪر آهي، تنهن کي آءٌ چوندس تہ تو مون کي ڇو وساري ڇڏيو آهي؟ ڇو آءٌ پنهنجي دشمن جي ظلم جي ڪري ماتم پيو ڪريان؟


اي خدا بادشاهہ کي پنهنجي حڪم، ۽ شهزادي کي پنهنجي راستبازي عطا ڪر.


هو تنهنجيءَ اُمت جي راستبازيءَ سان، ۽ تنهنجي غريبن جي انصاف سان عدالت ڪندو.


انهيءَ کان سواءِ تون انهن مان ڪي اهڙا لائق ماڻهو چونڊي ڪڍ، جن کي خدا جو خوف هجي، ۽ جي سچار هجن، ۽ کين ناحق جي نفعي کان نفرت هجي؛ اهڙن ماڻهن کي هنن جي مٿان، ڪي هزارن جا حاڪم، ڪي سوَن جا حاڪم، ڪي پنجاهن جا حاڪم، ۽ ڪي ڏهن جا حاڪم مقرر ڪر.


آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ، ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.


وري خدا موسيٰ کي هيئن بہ چيو، تہ تون بني اسرائيل کي چئج تہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا، ابرهام جي خدا، اسحاق جي خدا، ۽ يعقوب جي خدا، مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي: سدائين منهنجو نالو اهو ئي آهي، ۽ سڀني پيڙهين جي لاءِ منهنجو اهو ئي يادگار آهي.


پنهنجو وات پٽ ۽ سچائيءَ سان انصاف ڪر، ۽ غريبن ۽ محتاجن جي عدالت ڪر.


ڏسو، هڪڙو بادشاهہ راستبازيءَ سان بادشاهي ڪندو، ۽ سردار عدالت سان حڪومت ڪندا.


خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ دائود جي لاءِ هڪڙو سچائي جو ڏار کڙو ڪندس، ۽ اُهو بادشاهہ ٿي راڄ ڪندو، ۽ ڏاهپ سان هلندو، ۽ ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف ڪندو.


اي صيون جي ڌيءَ خوشي ڪر؛ ۽ يروشلم جي ڌيءَ خوشيءَ وچان واڪا ڪر: ڏس، تنهنجو بادشاهہ تو وٽ اچي ٿو: هو سچار آهي ۽ هن وٽ نجات آهي؛ هو حليم آهي، ۽ گڏهہ تي، بلڪ کودڙي تي سوار آهي.


اهو ٽڪر آهي، ۽ سندس ڪم ڪامل آهي؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ رستا انصاف وارا آهن: هو سچو ۽ گناهہ کان پاڪ آهي، هو عادل ۽ راستباز آهي.


مگر فرزند جي بابت چوي ٿو تہ ”اي خدا، تنهنجو تخت هميشہ تائين قائم آهي ۽ تنهنجي بادشاهت جو عصو سچائيءَ جو عصو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ