Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 23:20 - Sindhi Bible

20 ۽ بناياہ بن يهويدع، قبضيل جي هڪڙي بهادر شخص جو پٽ، جنهن وڏا وڏا ڪم ڪيا هئا، تنهن موآب واري اري ايل جي ٻن پٽن کي ڪُٺو: هن برف جي موسم ۾ هڪڙي کڏ منجهہ هڪڙي شينهن کي بہ وڃي ماريو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 انهيءَ کان علاوہ بناياہ ولد يهويدع هو، جيڪو قبضيل نالي شهر جو بهادر شخص هو، جنهن وڏا وڏا ڪم ڪيا هئا. هن موآب جي ٻن بهادرن کي قتل ڪيو ۽ برف پوندڙ ڏينهن ۾ هڪڙيءَ کڏ ۾ لهي هڪڙي شينهن کي بہ وڃي ماريو هئائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 23:20
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سائول ۽ يونتن پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ مزي جهڙا ۽ وڻندڙ هئا، ۽ مرڻ وقت بہ هو جدا نہ ٿيا، هو عقابن کان بہ تکا هئا، هو شينهن کان بہ زور وارا هئا.


هاڻي يوآب اسرائيل جي ساري لشڪر جي مٿان هو: ۽ بناياہ بن يهويدع ڪريتين ۽ فلستين جي مٿان هو:


انهن ٽن مان هو زيادہ عزت وارو نہ هو ڇا؟ تنهنڪري اهو انهن ۾ وڏو ٿيو: انهيءَ هوندي بہ هو پهرين ٽن سان مٽ نہ پيو.


۽ هن مصر جي هڪڙي قداور ماڻهو کي قتل ڪيو: ۽ انهيءَ مصريءَ کي هٿ ۾ هڪڙو ڀالو هو؛ پر هو مٿس لٺ کڻي ڪاهي ويو، ۽ مصريءَ جي هٿن مان ڀالو کسي ورتائين.


اهي ڪم انهي بناياہ بن يهويدع ڪيا، ۽ انهن ٽن پهلوانن مان نالو ڪڍيائين.


۽ بناياہ بن يهويدع، ڪريتين ۽ فلستين جي مٿان هو؛ ۽ دائود جا پٽ ڪاهن هئا.


پر تنهنجي ٻانهي کي، يعني مون کي، ۽ صدوق ڪاهن، ۽ بناياہ بن يهويدع، ۽ تنهنجي ٻانهي سليمان کي هن نہ سڏيو آهي.


تنهنڪري صدوق ڪاهن، ۽ ناتن نبي، ۽ بناياہ بن يهويدع، ۽ ڪريتي ۽ فليتي لهي ويا، ۽ سليمان کي بادشاهہ دائود جي خچر تي چاڙهي جيحون ۾ وٺي آيا.


پر صدوق ڪاهن، ۽ بناياہ بن يهويدع، ۽ ناتن نبي، ۽ سمعي، ۽ ريعي، ۽ جيڪي دائود جا بهادر مرد هئا، سي ادونياہ سان شامل نہ ٿيا.


پوءِ بادشاهہ بناياہ بن يهويدع کي حڪم ڏنو ۽ هو نڪري ويو، ۽ وڃي هن جي مٿان ڪاهي پيو ۽ هن کي ماريائين. ۽ بادشاهي سليمان جي هٿ ۾ قائم ٿي.


۽ جدين مان بهادر همت وارا مرد، جن کي جنگ جي تعليم مليل هئي، ۽ جي سپر ۽ نيزو ڪم آڻي سگهندا هئا، سي ڌار ٿي بيابان ۾ قلعي منجهہ دائود وٽ آيا؛ ۽ انهن جا منهن شينهن جي منهن جهڙا هئا، ۽ اهڙا تيز هئا جهڙا جبلن تي هرڻ؛


۽ بناياہ بن يهويدع ڪريتين ۽ فلستين جي مٿان هو؛ ۽ دائود جا پٽ بادشاهہ جي چوڌاري مکيہ هئا.


انهيءَ وقت ادوم جا سردار حيران ٿيا: موآب جي پهلوانن کي ڏڪڻي وٺي ويئي: ۽ ڪنعان جا سڀ رهاڪو پاڻي پاڻي ٿي ويا آهن.


۽ بني يهوداہ واري فرقي جا سڀ کان پڇاڙيءَ وارا شهر، ادوم جي سرحد ڏانهن، ڏکڻ جي پاسي قبضي ايل، ۽ عيدر، ۽ يجور هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ