2 خداوند جي روح منهنجي معرفت ڳالهايو، ۽ سندس ڪلام منهنجي زبان تي هو.
2 ”خداوند جي روح منهنجي معرفت ڳالهايو، هائو، هن جو ئي فرمان منهنجي زبان تي آهي.
۽ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، ساري اسرائيل قوم جون اکيون تو تي آهن، انهيءَ لاءِ تہ تون هنن کي ٻڌائين تہ منهنجي ڌڻي بادشاهہ کان پوءِ ڪير تخت تي ويهندو.
هن چين تہ تڏهن ڪيئن دائود روح جي هدايت سان هن کي خداوند ٿو سڏي، جو چوي ٿو تہ
دائود پاڻ پاڪ روح جي هدايت سان چيو آهي، تہ ”خداوند منهنجي خداوند کي چيو تہ تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيسين ڪ آئون تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن جي صندلي بڻايان.“
ڇالاءِ جو ڪابہ پيشنگوئي ڪڏهن بہ ماڻهوءَ جي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي؛ پر ماڻهو پاڪ روح جي چورڻ تي خدا جي طرفان ڳالهائيندا هئا.