Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 23:16 - Sindhi Bible

16 ۽ اهي ٽي پهلوان فلستين جي لشڪر مان زور سان لنگهي دروازي جي پاسي واري بيت الحم جي کوهہ مان پاڻي ڪڍي دائود وٽ کڻي آيا: پر اهو هن پيئڻ نہ گهريو، پر خداوند جي اڳيان هاري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تنهن تي اهي ٽيئي بهادر فلستي لشڪر جي خيمي‌گاهہ جي وچان هوشياريءَ سان لنگھي وڃي بيت‌لحم جي دروازي واري کوهہ مان پاڻي ڀري دائود وٽ کڻي آيا. پر دائود اهو پيئڻ نہ گھريو بلڪ اهو خداوند جي حضور ۾ نذراني طور هاري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 23:16
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يعقوب هيئن ڪيو، جو جنهن هنڌ خدا ساڻس ڳالهيون ڪيون هيون، تنهن هنڌ پهڻ جو هڪڙو ٿنڀ کڙو ڪيائين: ۽ انهيءَ تي خدا جي لاءِ پيئڻ واري قرباني ۽ تيل اوتيائين،


انهيءَ کان پوءِ اليعزر بن دودي هو، جو هڪڙي اخوحي جو پٽ هو، جو دائود جي ٽن پهلوانن مان هڪڙو هو، جڏهن اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي ويا هئا تڏهن هو جنگ لاءِ گڏ ٿيل فلستين کي سامهون پيو.


تڏهن اُهي ٽيئي فلستين جي لشڪر مان ڪاهي لنگهي ويا ۽ در جي پاسي واري بيت الحم جي کوهہ مان پاڻي ڪڍي کڻي آيا ۽ آڻي دائود کي ڏنائون: پر دائود انهيءَ مان نہ پيتو، پر خداوند جي لاءِ هاري ڇڏيائين،


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن اڪيلي شخص تي غالب پوندو، تہ ٻہ ڄڻا وري بہ انهي کي سامهون ٿيندا؛ ۽ ٽيڻو وٽيل ڌاڳو جلد ڪين ڇڄندو.


اُٿ، رات جو رڙيون ڪر، جڏهن پهر شروع ٿا ٿين تڏهن خداوند جي روبرو پنهنجي دل پاڻيءَ وانگر هاري وجهہ: پنهنجن ننڍن ٻارن جي حياتيءَ لاءِ پنهنجا هٿ هن ڏانهن کڻ، جو اُهي سڀ ڪنهن گهٽيءَ جي چوٽيءَ تي بک جي ڪري ماندا ٿا ٿين.


۽ پيئڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙي گهيٽي جي پٺيان مئي جي هڪڙي هين جو چوٿون حصو هئڻ گهرجي: ۽ تون پاڪ مڪان ۾ تيز مئي جي پيئڻ واري قرباني، خداوند جي حضور ۾ اوتج.


پر مون کي پنهنجي جان جو فڪر ڪونهي، نڪي اُنهيءَ سان اهڙي دل اٿم، فقط اِهو فڪر اٿم تہ آئون پنهنجو دور پورو ڪريان، ۽ جيڪا خدمت خداوند يسوع کان مون کي ملي آهي، سا پوري ڪريان؛ يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


ڪنهن راستباز ماڻهوءَ جي لاءِ ڪو مشڪل جان ڏيندو، پر شايد ڪنهن نيڪ انسان جي لاءِ ڪو ماڻهو همت ڪري پنهنجي جان ڏئي،


ڇالاءِ جو مسيح جي محبت اسان کي مجبور ٿي ڪري، هن ڪري جو اسين ائين ٿا سمجهون، تہ جي هڪڙو سڀني لاءِ مُئو تہ سڀ مري ويا؛


پر جيڪڏهن اوهان جي ايمان جي خدمت ۽ قربانيءَ تي مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي، تہ بہ آئون خوش ٿيندس، ۽ اوهان سڀني سان گڏجي خوشيون ڪندس؛


ڇالاءِ جو هن پنهنجو ساهہ تري تي رکي هن فلستيءَ کي ماريو، ۽ خداوند ساري اسرائيل کي هڪڙي وڏي فتح حاصل ڪرائي: تو پاڻ اها ڏٺي ۽ خوشي ظاهر ڪئي: تڏهن ڇو هن بيگناهہ جو رت هارڻ ٿو گهرين ۽ بي سبب هن کي مارائڻ ٿو گهرين؟


۽ هو مصفاہ ۾ اچي گڏ ٿيا، ۽ پاڻي ڪڍيائون، ۽ خداوند جي اڳيان هاريائون، ۽ اُهو ڏينهن روزو رکيائون، ۽ اُتي چيائون تہ اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. ۽ سموئيل مصفاہ ۾ بني اسرائيل جو قاضي ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ