Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 23:15 - Sindhi Bible

15 ۽ دائود گهڻيءَ سڪ مان چيو تہ بيت الحم جو کوهہ، جو دروازي جي پاسي ۾ آهي، تنهن مان ڪو مون کي پاڻي پياري تہ واهہ!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 تڏهن دائود وطن جي سڪ مان آهہ ڀريندي چيو تہ ”ڪاش! ڪو مون کي بيت‌لحم جي کوهہ، جيڪو دروازي جي ڀرسان آهي تنهن مان پاڻي پيئاري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 23:15
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو راخل مري ويئي ۽ کيس افرات يعني بيت الحم جي واٽ تي دفن ڪيائون.


۽ اهي ٽي پهلوان فلستين جي لشڪر مان زور سان لنگهي دروازي جي پاسي واري بيت الحم جي کوهہ مان پاڻي ڪڍي دائود وٽ کڻي آيا: پر اهو هن پيئڻ نہ گهريو، پر خداوند جي اڳيان هاري ڇڏيائين.


۽ دائود ڏاڍي شوق مان چوڻ لڳو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو بيت الحم جي کوهہ مان، جو دروازي جي پاسي ۾ آهي، مون کي پيئڻ لاءِ پاڻي آڻي ڏي تہ ڪهڙي نہ چڱي ڳالهہ ٿئي!


ڪ منهنجي جان تنهنجي نجات جي لاءِ بيحال آهي: پر مون کي تنهنجي ڪلام تي ڀروسو آهي.


اي خدا، تون منهنجو خدا آهين؛ آءٌ سويرو ئي توکي ڳوليندس: خشڪ ۽ ويران زمين ۾ جتي پاڻي ڪونهي، منهنجي جان تو لاءِ سِڪايل ۽ منهنجو بدن تو لاءِ مشتاق آهي.


غريب ۽ محتاج پاڻي ڳولين ٿا پر اهو نٿو ملين، انهن جي زبان اُڃ جي ڪري خشڪ ٿي وئي آهي؛ آءٌ خداوند انهن کي ورندي ڏيندس، آءٌ اسرائيل جو خدا انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.


ڇالاءِ جو آءٌ اُڃايل تي پاڻي هاريندس، ۽ سڪيءَ زمين تي نهرون وهائيندس: آءٌ تنهنجي نسل تي پنهنجو روح، ۽ تنهنجي اولاد تي پنهنجي برڪت نازل ڪندس.


يسوع جواب ڏيئي چيس تہ جي توکي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها، ۽ ڄاڻين ها تہ اُهو ڪير آهي جو توکي چوي ٿو تہ مون کي پاڻي پيار؛ تہ تون جيڪر هن کان گهُرين ها، ۽ هو توکي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.


پر جو پاڻي آئون ڏيندوسانس، سو جيڪو پيئندو، تنهن کي وري اُڃ ڪانہ لڳندي؛ بلڪ پاڻي جو آئون ڏيندوسانس، سو ان ۾ پاڻيءَ جو هڪ چشمو ٿي پوندو، جو هميشہ جي زندگي تائين پيو وهندو.


تڏهن عيد جي پوئين ڏينهن، جو خاص ڏينهن هو، يسوع بيهي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ جيڪڏهن ڪو اُڃايل هجي تہ اُهو مون وٽ اچي پيئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ