Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 23:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي هي دائود جون پويون ڳالهيون آهن. دائود پٽ يسيءَ جو چوي ٿو، ۽ جيڪو ماڻهو مٿي چاڙهيو ويو هو سو چوي ٿو، جو يعقوب جي خدا جو مسح ڪيل آهي، ۽ اسرائيل جا مٺا زبور ڳائيندڙ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 يسيءَ جو پٽ دائود، جنهن تي بني اسرائيل جي قادر خدا مِهر ڪري کيس سربلند ڪيو آهي ۽ مسح ڪري بادشاهہ مقرر ڪيو اٿس، تنهن پنهنجيون آخري ڳالهيون ڪندي چيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 23:1
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يعقوب پنهنجن پٽن کي سڏي چيو تہ اوهين اچي گڏ ٿيو تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان تہ پوين ڏينهن ۾ اوهان سان ڇا ڇا ٿيندو.


منهنجا پير هرڻيءَ جي پيرن جهڙا ٿو ڪري، ۽ مون کي پنهنجين مٿانهين جاين تي ٿو رکي.


هو پنهنجي بادشاهہ کي وڏو ڇوٽڪارو ٿو ڏئي: ۽ پنهنجي مسح ڪيل کي هميشہ محبت جهڙي مهرباني ڏيکاري ٿو، يعني دائود کي ۽ سندس اولاد کي.


تڏهن انهيءَ ڏينهن دائود مقرر ڪيو تہ پهرين، آسف ۽ سندس ڀائرن جي هٿان، خداوند جو شڪر بجا آڻين.


هن جي حضور ۾ گيت ڳايو ۽ سندس تعريف ڳايو؛ هن جي سڀني عجيب ڪمن جو ذڪر ڪريو.


۽ چوندو تہ مون پنهنجي بادشاهہ کي پاڪ جبل صيون تي ويهاريو آهي.


هتي دائود ولد يسيءَ جون دعائون پوريون ٿيون.


مون کي پنهنجو بندو دائود ملي ويو آهي؛ ۽ انهي کي پنهنجي پاڪ تيل سان مسح ڪيو اٿم:


منهنجو هٿ سدائين مٿس رهندو؛ ۽ منهنجي ٻانهن کيس طاقت بخشيندي.


جي سارنگيءَ جي سُر تي اجايا راڳ ڳايو ٿا، جي دائود وانگر پنهنجي لاءِ ڳائڻ وڄائڻ جا ساز رٿي بنايو ٿا؛


ڇو جو دائود پاڻ زبور جي ڪتاب ۾ چيو آهي، تہ ”خداوند منهنجي خداوند کي چيو، تہ تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ،


پوءِ چيائين تہ جڏهن اڃا آئون اوهان سان هوس، تڏهن اهي ڳالهيون مون اوهان سان ڪيون هيون، تہ منهنجي بابت جيڪي موسيٰ جي توريت، ۽ نبين جي ڪتابن، ۽ زبور ۾ لکيل آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.


خدا جي ٻانهي موسيٰ پنهنجي مرڻ کان اڳي بني اسرائيل کي جيڪا برڪت ڏني سا هيءَ آهي.


ڀلي تہ مسيح جو ڪلام هر قسم جي دانائي سميت اوهان ۾ ججهو ئي رهي. هڪٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو، ۽ فضل سان ڀرپور ٿي پنهنجين دلين ۾ خدا جي لاءِ زبور ۽ گيت ۽ ديني راڳ ڳايو.


جيڪڏهن اوهان مان ڪوبہ ڏکي هجي تہ اُهو دعا گهُري، ۽ جيڪڏهن ڪو خوش هجي تہ اُهو تعريف جا گيت ڳائي.


هاڻي دائود، بيت لحم يهوداہ جي اُنهي افراتيءَ جو پٽ هو، جنهن جو نالو يسي هو، ۽ هن کي اٺ پٽ هئا: ۽ اهو ماڻهو سائول جي ڏينهن ۾ پير مرد هو، ۽ ماڻهن ۾ تمام ڪهن سال هو.


۽ زالن وڄائيندي هڪ ٻئي کي ڳائي پئي چيو، تہ سائول پنهنجن هزارن کي قتل ڪيو آهي، ۽ دائود پنهنجن لکن کي.


جيڪي خداوند سان جهڳڙن ٿا سي ڀڃي پرزا پرزا ڪيا ويندا؛ آسمان مان هو اُنهن تي گجگار ڪندو: خداوند زمين جي حد تائين عدالت ڪندو؛ ۽ هو پنهنجي بادشاهہ کي زور ڏيندو، ۽ پنهنجي ممسوح جو سڱ مٿي ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ