Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 22:9 - Sindhi Bible

9 سندس ڪاوڙ مان دونهون نڪتو، ۽ سندس وات مان نڪتل باهہ کائي چٽ ڪري ويئي: انهيءَ مان اڱر ٻَرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ ڪاوڙ سببان هن جي ناسن مان دونهون نڪرڻ لڳو. هن جي واتان ناس ڪندڙ باهہ ۽ ڀڙڪندڙ ٽانڊا ٿي نڪتا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 22:9
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سندس اڳيان تجلي ڪِري ڪوئلا ٻَري پيا.


تنهن کان پوءِ خداوند جي ڌمڪيءَ سان، سندس ڪاوڙ مان ڪڍيل ڦوڪ ڪري سمنڊ جون کاريون ظاهر ٿيون، ۽ دنيا جا بنياد کُلي پيا.


خدا جي دم سان هو چٽ ٿي وڃن ٿا، ۽ انجي ڪاوڙ جي جهوٽي سان هو مري کپي وڃن ٿا.


تڏهن پاڻيءَ جا وهڪرا ڏسڻ ۾ آيا، ۽ زمين جا بنياد ظاهر ٿيا: خداوند جي ڇينڀ تي، ۽ هن جي ناسن مان نڪتل واچوڙي جي ڪري.


هن جي ناسن مان دونهون نڪتو، ۽ سندس وات مان باهہ نڪري ڀسم ڪرڻ لڳي: جنهن جي ڪري ڪوئلا ٻري پيا.


۽ سينا جبل دونهين سان ڍڪجي ويو، ڇالاءِ جو خداوند باهہ جي صورت ۾ انهيءَ تي لٿو؛ ۽ انهيءَ جو دونهون کوري جي دونهين وانگر مٿي چڙهڻ لڳو، ۽ سارو جبل ڌڏڻ لڳو.


۽ بني اسرائيل کي خداوند جي جلال جو نظارو، جبل جي چوٽيءَ تي، ساڙيندڙ باهہ وانگي ڏسڻ ۾ آيو.


ڏسو، خداوند جو نالو غصي جي باهہ ۽ گهاٽي دونهين سان، پري کان ٿو اچي: هن جا چپ ڪاوڙ سان ڀريل آهن، ۽ هن جي زبان تباهہ ڪندڙ باهہ وانگي آهي.


ڇالاءِ جو قديم زماني کان توفت تيار ڪيل آهي؛ هائو، اهو بادشاهہ جي لاءِ تيار ڪيل آهي؛ هن انهي کي اونهو ۽ وڏو ڪيو آهي: انهي ۾ باهہ ۽ گهڻين ڪاٺين جو ڍير آهي؛ خداوند جو دم گندرف جي نهر وانگي انهي کي ٻاري ٿو.


۽ آءٌ انهن کي تنهنجي دشمنن وٽ انهي ملڪ ۾ موڪليندس، جنهن جي توکي خبر ڪانهي؛ ڇالاءِ جو منهنجي ڪاوڙ جي باهہ اوهان تي ٻري آهي.


تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، ڇالاءِ جو اوهين اهڙي ڳالهہ ٿا ڪريو تنهن ڪري آءٌ پنهنجو ڪلام تنهنجي وات ۾ باهہ ڪندس، ۽ هن قوم کي ڪاٺ ڪندس، ۽ اهو هنن کي ساڙي ٻاري ڇڏيندو.


هن جي اڳيان مري ٿي ويئي؛ ۽ هن جي پيرن وٽان باهہ جا تير ٿي نڪتا.


ڇالاءِ جو منهنجي غصي جي باهہ ڀڙڪو کاڌو آهي، جا اوڙاهہ جي تري تائين ٻرندي ويندي، ۽ زمين کي سندس پيداوار سميت ڀسم ڪري ڇڏيندي، ۽ جبلن جي بنيادن کي بہ ساڙي ڇڏيندي.


ڇالاءِ جو اسان جو خدا ڀسم ڪرڻ واري باهہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ