Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 22:8 - Sindhi Bible

8 تڏهن زمين لڏي ويئي ۽ ڏڪڻ لڳي، آسمان جو بنياد سندس ڪاوڙ جي ڪري ڌڏڻ ۽ لڏڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ ڌرتي ڌڏي ويئي ۽ ڏڪڻ لڳي، جبلن جي بنيادن ۾ پڻ جنبش اچي ويئي، هائو، جڏهن خداوند ڪاوڙيو تہ اهي بہ لرزڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 22:8
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪو ماڻهو انهن کي هٿ لائيندو، تنهن کي ضرور لوهہ يا نيزي جي لٺ گهرجي؛ ۽ اهي پنهنجي جاءِ تي باهہ سان بلڪل ساڙيا ويندا.


آسمان جا ٿنڀ ڏڪن ٿا، ۽ هن جي تاب تان حيران ٿيا آهن.


تڏهن زمين ڌڏي ۽ ڏڪي ويئي، ۽ جبلن جون پاڙون چُرڻ ۽ لڏڻ لڳيون ڇو جو هو ڪاوڙيو هو.


تڏهن ڌرتي ڌٻي، ۽ آسمان خدا جي حضور ۾ وهي ويا: ۽ سينا جبل بہ خدا جي حضور ۾ ڏڪڻ لڳو.


واچوڙي ۾ تنهنجي گجڻ جو آواز ٿيو؛ وڄ جهان کي روشن ڪيو: ڌرتي ڌٻي ۽ ڏڪي ويئي.


تنهنجي واٽ سمنڊ ۾ هئي، ۽ تنهنجو رستو وڏن پاڻين ۾ آهي، تنهنجي پيرن جا نشان ڏسڻ ۾ نہ آيا.


هن جي وڄ چمڪي جهان کي روشن ڪيو: زمين اها ڏسي ڏڪي ويئي.


سندس خوف کان جبل ڏڪن ٿا، ۽ ٽڪر پگهري وڃن ٿا؛ ۽ زمين سندس اڳيان ڏڪي ٿي، هائو، دنيا ۾ جيڪي اُن ۾ رهن ٿا سي بہ ڏڪن ٿا.


۽ ڏسو، هيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ڦاٽي ٻہ اڌ ٿي پيو، ۽ زلزلو ٿيو، ۽ ڏونگر ڏري پيا؛


۽ ڏسو، ڏاڍو زور جو زلزلو ٿيو، ڇالاءِ جو خداوند جو هڪڙو ملائڪ آسمان مان لٿو، ۽ پهڻ کي ليٽائي پاسي ڪري، انهي تي چڙهي ويٺو.


۽ جڏهن هو دعا گهُري رهيا، تڏهن جنهن جاءِ ۾ هو گڏ ٿيا ويٺا هئا، سا اچي ڌڏڻ لڳي؛ ۽ هو سڀ پاڪ روح سان ڀرجي ويا، ۽ خدا جو ڪلام بي ڊپا ٿي ٻُڌائڻ لڳا.


اي خداوند، جڏهن تون شعير مان نڪري هلين، جڏهن تون ادوم جي ميدان مان ڪوچ ڪري نڪتين، تڏهن زمين ڌڏي ويئي، ۽ آسمان بہ ٽمڻ لڳو، هائو ڪڪر پاڻي وسائڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ