6 پاتال جا رسا منهنجي چوڌاري پيل هئا: موت جا دام مون تي آيا.
6 منهنجي چوڌاري پاتال جا رسا پيل هئا، منهنجي مٿان موت جا ڦندا اچي پيا هئا.
۽ جي هو زنجيرن ۾ ٻڌجن ٿا، ۽ مصيبت جي رسن ۾ پڪڙجن ٿا؛
موت جون رسيون مون کي ويڙهي ويون ۽ قبر جا درد مون تي اچي پيا: آءٌ ڏک ۽ غم ۾ جهلجي ويس.
مغرورن مون لاءِ ڦندو ۽ رسيون لڪائي رکيون آهن؛ ۽ واٽ جي ڀرسان ڄار پکيڙيو اٿن؛ انهن مون لاءِ ڦاهي وڇائي آهي.
منهنجي چوڌاري قبر جون رسيون هيون: ۽ موت جا ڦندا اچي مون تي پيا.
ڏاهن جي تعليم حياتيءَ جو چشمو آهي، جنهن ڪري موت جي ڦانڌن مان ڇُٽجي ٿو.
خدا جو خوف حياتيءَ جو چشمو آهي، جنهن ڪري ماڻهو موت جي ڦانڌن کان ڇٽي ٿو.
شرير کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون، ۽ هو پنهنجي گناهہ جي رسن سان ٻڌو ويندو.
مون پنهنجي مصيبت جي ڪري خداوند کي سڏيو، ۽ هن مون کي ورندي ڏني؛ دوزخ جي پيٽ مان مون دانهن ڪئي ۽ تو منهنجو آواز ٻڌو.
پر جڏهن اوهين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪر گهيري ويا آهن، تڏهن ڄاڻجو تہ سندس ويران ٿيڻ جو وقت ويجهو آهي.
پر اُنهيءَ کي خدا موت جي عذابن کان ڇڏائي اُٿاريو: ڇو جو ٿيڻي نہ هئي تہ هو موت جي قبضي ۾ رهي.