5 ڇالاءِ جو موت جي لهرن مون کي وڪوڙيو، بيدينيءَ جي سيلاب مون کي ڊيڄاريو.
5 موت جي ڇولين مون کي وڪوڙي ڇڏيو هو، هائو، برباديءَ جي ٻوڏ مون کي ٻوڙي ڇڏيو هو.
موت جون رسيون مون کي ويڙهي ويون، ۽ بي دينيءَ جي لهرن مونکي ڊيڄاري ڇڏيو.
تڏهن بہ خداوند ڏينهن جو پنهنجي ٻاجهہ فرمائيندو، ۽ رات جو آءٌ سندس گيت يعني پنهنجيءَ حياتيءَ جي خدا کان دعا گهرندس.
تڏهن الهندي وارا خداوند جي نالي کان ڊڄندا، ۽ اُڀرندي وارا سندس جلال کان؛ ڇالاءِ جو هو انهيءَ ڇوهہ نديءَ وانگي ايندو، جنهن کي خداوند خدا جو دم ڪاهيندو اچي.
ڇالاءِ جو تو مون کي اونهاڙ ۾، يعني سمنڊ جي وچ ۾ اُڇلائي وڌو، ۽ پاڻي مون کي وڪوڙي ويا؛ تنهنجون سڀ لهرون ۽ موجون مون تان لنگهي ويون.
پر جڏهن اوهين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪر گهيري ويا آهن، تڏهن ڄاڻجو تہ سندس ويران ٿيڻ جو وقت ويجهو آهي.
جڏهن ماڻهو پيا چوندا تہ اطمينان ۽ سلامتي آهي، تڏهن جيئن حاملہ زال کي سور لڳندا آهن، تيئن اوچتو ئي اوچتو موت اچي مٿان ڪڙڪندو؛ ۽ ڪو وسيلو ڪونہ ٿيندو.
۽ جن ستن ملائڪن وٽ ست پيالا هئا، تن مان هڪڙي اچي مون سان ڳالهايو ۽ چوڻ لڳو تہ هيڏانهن اچ تہ جيڪا وڏي ڪسبياڻي گهڻن پاڻين تي ويٺي آهي، تنهن جي سزا توکي ڏيکاريان؛
پوءِ هن مون کي چيو تہ جيڪي پاڻي تو ڏٺا، ۽ جن تي اُها ڪسبياڻي ويٺي هئي، سي اُمتون، ميڙاڪا، قومون ۽ ٻوليون آهن.